English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ قتل ٿيل نوجوان واپاري جو مڙهه جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي، شهرين ۽ واپارين پاران شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻو
views
|
30th May 2025
•
سنڌي خبرون
دڪاندارن، واپارين ۽ شهرين پاران شهر ۾ شٽربند هڙتال، ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو ويو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا، نوجوان واپاريءَ جي قتل خلاف شٽربند هڙتال، احتجاج ۽ ٿاڻي آڏو ڌرڻو، واپاري عدم تحفظ جو شڪار آهن. پوليس حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام آهي. هاڻ خاموش ويهڻ جو وقت ناهي: احتجاج ڪندڙ نتفصيل موجب ڏوڪريءَ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ گذريل ڏينهن هٿيار بندن هٿان قتل ڪيل نوجوان واپاري اڪرم عرف سونل چنو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ چيمبر آف ڪامرس جي صدر ۽ ٽائون ڪميٽي چيئرمين عبدالحميد جيسر، پ پ اڳواڻ نياز حسين سوهو، مظهر گلال، جاويد ڪولاچي، ياسين ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ واپارين ۽ شھرين ڪاروبار بند رکي شٽربند هڙتال ڪئي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڏوڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. ھڙتال سبب شھر جي مکيه بازار سميت شاھي بازار، ڀٽائي چوڪ، ٽلو بازار ۽ ريشم گلي ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهيو. ٻئي طرف ڏوڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺلن کي خطاب ڪندي ڏوڪري ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر، لياقت ميراڻي ، مظھر گلال، جاويد ڪولاچي ۽ ٻين چيو ته ڏوڪري شهر مسلسل بدامنيءَ جي ور چڙهي ويو آهي. چوري، ڦُر ۽ قتل روز جو معمول بڻجي ويا آهن ۽ اسان جي نوجوانن جو خون رلي رهيو آهي، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته اسان واپاري پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ وڌندڙ بدامني ڪارڻ عدم تحفظ جو شڪار آهيون، جڏهن ته پوليس عوام جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. گذريل رات هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان سونو خان چنو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،جنهن ڪارڻ ڏوڪريءَ جي شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر آهي،جڏهن ته ايس ايس پي کان وٺي آءِ جي سنڌ تائين سڀ خاموش آهن. . احتجاج ڪندڙ ڏوڪريءَ جي شهرين ۽ واپارين وڏي وزير، گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري ۾ امن امان جي صورتحال کي ترجيحي بنيادن تي بهتر بڻايو وڃي ۽ قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے