English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پ پ اڳواڻ رميش ڏيون ڪمار مالهي جي سالگره جون تقريبون منعقد
views
|
13th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي ونگ ڊويزن ميرپورخاص جي صدر رميش ڏيون ڪمار مالهي جي سالگره جي مناسبت سان عمرڪوٽ ۾ شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون، سالگره جي تقريبن جو اهتمام رتن ڪمار مالهي هائوس، ڊي ڪي ٽائون عمرڪوٽ ۽ وجئه ڪمار سانگھاڻي جي دڪان تي ڪيو ويو، جتي سندس دوستن، ساٿين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريبن دوران شرڪت ڪندڙن پاران رميش ڏيون ڪمار مالهي سان محبت جو اظهار ڪندي کيس سالگره جي واڌايون ڏنيون ويون، رتن ڪمار مالهي هائوس تي ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ٿي، جنهن جي ميزباني پيپلز پارٽي اڳواڻ رتن ڪمار مالهي ڪئي، ان موقعي تي پون رتن ڪمار سوماڻي، ڀرت رتن ڪمار سوماڻي، او پي ايس مالهي، منٺار آريسر، ھريش پيٿاڻي، وجئه ڪمار سانگھاڻي، وڪي مالهي، رجنيش مالهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ساڳئيءَ ريت ڊي ڪي ٽائون عمرڪوٽ ۽ وجئه ڪمار سانگھاڻي جي دڪان تي پڻ سندس چاهيندڙن پاران سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جتي مٽن مائٽن، دوستن ۽ سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ جئه چوهاڻ، نعيم درس، صحافي سورج ڪمار مالهي، ڀواني پرڪاش مالهي، راڻو مل درزي ۽ ٻيا شامل هئا، تقريبن دوران اڳواڻن پاران رميش ڏيون ڪمار مالهي جي سياسي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتن کي ساراهيندي چيو ويو ته هو پيپلز پارٽي منارٽي ونگ ڊويزن ميرپورخاص جو فعال، وفادار ۽ عوام دوست اڳواڻ آهي، جنهن اقليتي برادري جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هميشه ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، آخر ۾ تقريب جي ميزبانن ۽ شرڪت ڪندڙن پاران رميش ڏيون ڪمار مالهي لاءِ نيڪ تمناون پيش ڪيون ويون ۽ کيس صحت، دراز عمر ۽ اڳتي وڌندڙ سياسي سفر لاءِ ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سندھ
دادو میں خلق جی خدمت آرگنائزیشن کی جانب سے محرم الحرام کے موقع پر ٹھنڈے پانی اور شربت کی سبیل سبیل کا اہتمام
01st Jul 2025
•
سندھ
ال میچ میکر ایسوسی ایشن کے چیئرمین سمیع شیخ کا "ہمسفر فورایور لوو" میرج بیورو کے دفتر کا دورہ
01st Jul 2025
•
شوبز
سیان بروک نے ’ہاؤس آف ڈریگن‘ میں مختصر کردار سے ناظرین کو متاثر کر دیا
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪاٺوڙ واسين جو بجلي ۽ پاڻي گهرڻ ڏوھ بڻجي ويو، 300 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ دريا خان مري واسي لا جي شاگرد معيز علي چوهاڻ جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
رميش ڏيون ڪمار مالهي
0 تبصرے