English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري ڪي بي رند، هڪ مثالي شخصيت
views
|
16th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
الماس خواجه
جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخصيت کي سنڌ جي انتظامي تاريخ ۾ پيشيوراڻي ايمانداري، قومي سچائي ۽ عوامي خدمت جي علامت طور پيش ڪيو وڃي، ته اها بنا ڪنهن شڪ جي ڪي بي رند جي شخصيت هوندي. هن نالي سان ڳنڍيل يادون هر ان ماڻهو جي دل ۾ محفوظ آهن، جيڪو کيس پنهنجي خدمت دوران مليو يا سندس فيصلا محسوس ڪيا.
سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري ڪي. بي رند جو پورو نالو قلي بخش ولد حاجي غلام نبي رند آهي. سندس جنم 15 نومبر 1951ع تي نوابشاهه ۾ ٿيو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي (آنرز) ۽ ايم. ايس. سي (ڊفينس اسٽريٽجڪ اسٽڊيز) شامل آهن. ڪي. بي. رند، سنڌ جي ڪيترن اهم کاتن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪيترن کاتن جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. هن هميشه قانون ۽ ميرٽ جي بالادستي ۽ ڪم جي تڪڙي اڪلاءَ کي ترجيح ڏني.هن سرڪاري ملازمت جو آغاز 1975ع کان ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪمشنر ٿي رهيو. ان کان سواءِ علمي ۽ ادبي پروگرام پڻ منعقد ڪرائيندو رهيو.
ڪي. بي. رند اسسٽنٽ ڪمشنر (يو. ٽي) ميرپورخاص، ايف. سي. ايم سانگهڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ ، اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد، اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي، دادو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو، ڪميونٽي ويلفيئر اٽيچي پاڪستان هاءِ ڪميشن، لنڊن، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سمال انڊسٽري ڪارپوريشن، ڪشمنر لاڙڪاڻو ڊويزن، ڊائريڪٽر انڊسٽري اينڊ منزل ڊيولپمينٽ، حڪومت سنڌ، سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن، حڪومت سنڌ، سيڪريٽري ٽو چيف منسٽر سنڌ، سيڪريٽري ايگريڪلچر اينڊ وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ (هوم سيڪريٽريءَ جي اضافي چارج)، سيڪريٽري تعليم، جوائنٽ سيڪريٽري، منسٽر آف انڊسٽريز ۽ پراڊڪشن، جوائنٽ سيڪريٽري (وفاق)، جوائنٽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، حڪومت پاڪستان، ڊي. جي. پورٽس اينڊ شپنگ، منسٽري آف ڪميونيڪيشن اينڊ ريلويز پاڪستان، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ان کانپوءِ ڪجهه عرصو بلوچستان جو چيف سيڪريٽري به رهيو، جنهن کانپوءِ ڪي بي رند 2011ع ۾ رٽائرڊ ٿي ويو، سندس شمار سنڌ جي قابل، باصلاحيت، ڄاڻو ۽ ايماندار ڪامورن ۾ ٿئي ٿو.
چيف سيڪريٽري سنڌ طور ڪي بي رند انتظاميا ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ عوام دوست پاليسيون نافذ ڪيون، سنڌ جي ترقياتي منصوبن، خاص طور تي زراعت، صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سندن ويزن بنيادي تبديليون آنديون. هو بي مثال crisis manager هو، جيڪو سياسي دٻاءَ کان مٿانهون ٿي فيصلن تي عمل ڪندو ۽ ڪرائيندو هو.
ڪي بي رند انتظامي لحاظ کان ڪڏهن به جذباتي نه ٿيو، پر سندس اندر ۾ انساني قدرن جي چمڪ موجود هئي. سندس آفيس جو در هميشه عام ماڻهن لاءِ کليل هوندو هو. هڪ رپيا به ناجائز نه وٺڻ جو مثال ڏئي، هن ايمانداري کي اعليٰ مقام تي آندو. سندس آفيسرن سان سختي ۽ ساڳي وقت شفقت، ٻئي گڏ هوندي هئي. ڪي بي رند کي هڪ نظرياتي اڳواڻ طور پڻ ياد رکيو ويندو. ڪي بي رند جي وڇوڙي سان رڳو هڪ فرد نه پر هڪ دور، هڪ طرزِ فڪر، هڪ نظام پڄاڻي تي پهتو. هو ادارن کي صرف هلائڻ وارو نه، پر انهن کي سڌارڻ ۽ ٺاهڻ وارو هو. سندس وڇوڙو نه رڳو خاندان، دوستن ۽ ساٿين لاءِ، پر سڄي سنڌ لاءِ هڪ وڏو نقصان هو.
ڪي بي رند، پنهنجي سادگي، ايمانداري ۽ فرض شناسي سان سنڌ جي انتظاميا کي هڪ نئون رخ ڏنو. اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ انتظامي ادارا ساک وڃائي رهيا آهن، اتي ڪي بي رند جهڙن بي داغ آفيسرن جي ياد اسان لاءِ مشعل راهه آهي. سنڌ کين ڪڏهن به وساري نه سگهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
محرم الحرام جي حوالي سان ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ لبيڪ يا حسين عه جون صدائون بلند
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا به يونيورسٽي عالمي معيار جي نه ھجڻ تي افسوس جو اظھار
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
مورو انتظاميا پاران محرم الحرام جي عزاداري جي روٽس جو دورو
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ خواب بڻيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
الماس خواجه
ڪي بي رند
KB Rind
0 تبصرے