English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وفاقي بجيٽ کي رد ڪريون ٿا، ان ۾ عوام لاءِ ڪجھ به ناھي: اياز لطيف پليجو
82 views
|
12th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ سجاول ضلعي ۾ سنڌ دشمن رٿائن ۽ پاڻي کوٽ خلاف مارچ ڪيو ويندو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ پاران سڀاڻي (اڄ) شام 4 وڳي ميرپور بٺورو شھر ۾ ڪئنالن جي خاتمي، ڪارپوريٽ فارمنگ، سجاول ضلعي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ سجاول ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ اڇي موري کان پيادل شارٽ مارچ ڪري مين بس اسٽاپ ميرپور بٺورو وٽ جلسي عام ڪيو ويندو ، 16 جون تي بدين شھر ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جلسي عام ڪيو ويندو. ھوڏانھن اياز لطيف پليجي وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي چيو آھي تہ بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪجھ بہ ناھي، وفاقي حڪومت مھنگائي تي ضابطو نہ آندو آھي. پگھارن ۽ پينشنز ۾ ملازمن کي مايوس ڪيو ويو آھي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 50 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام مٿان ناجائز ٽئڪس جو بار وڌو ويو آھي. حڪمران طبقي ۽ بيوروڪريسي کي بادشاھي مراعتون ڏنيو ويون آھن..آئي ايم ايف جي چوڻ تي عوام دشمن بجيٽ تيار ڪئي وئي آھي. تعليم ۽ صحت کي نظرانداز ڪرڻ عوام دشمني آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ کي ٻاھرين ڊڪٽيشن تي ھلائڻ ڪري اسان جون پاليسيون آزاد، خودمختيار ۽ عوام دوست ناھن. عالمي مالياتي ادارا پنھنجن مفادن واريون پاليسيون جوڙين ٿا ۽ پاڪستان کي بحرانن جي ڪن ۾ اڇلائي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جن ايوانن ۾ قانون سازي ٿيڻ گھرجي، ملڪ ۽ عوام جي بهتريءَ جا فيصلا ٿيڻ گھرجن، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي خاتمي، معاشي ۽ تعليمي ترقي لاء منصوبابندي ٿيڻ گھرجي، اتي عوام جا چونڊيل نمائندا صرف پنھنجون مراعتون وڌائن ٿا. ڪرپشن جي تحفظ ڏين ٿا. پوائنٽ اسڪورنگ ڪن ٿا. انھن جي روين ۾ ڪا سنجيدگي ۽ عوام دوستي ناھي. ماڻھن سوال ڪري رھيا آھن تہ اسان جي قسمت جو فيصلو ھي ڪندا، جن کي وڌندڙ غربت، مھانگائي، بک، بيروزگاري، بدامني ۽ بدحالي تي ڳالھائڻ لاءِ وقت ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنيل آھن۔ جيڪي شھر موجود آھن، سنڌ حڪومت کي انھن جي ترقي جو ڪو فڪر ناھي۔ ساحلي پٽي ۾ لکين آبادي بنيادي انساني سھولتن کان محروم آھي. پاڻي کوٽ جي ڪري آباد زمينون بنجر ٿي رھيون آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے