گڏاپ جي جبلن ۾ گم ٿيل گبول برادريءَ سان تعلق رکندڙ بزرگ عورت جو لاش هٿ
عورت 12 ڏينهن کان گم هئي، پوليس، ڪرائم سين ۽ ايدهي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي لاش هٿ ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ جي جابلو سلسلي مان گبول برادريءَ سان تعلق رکندڙ گم ٿيل بزرگ عورت جو لاش هٿ آيو آهي ڄاڻايل عورت گذريل 12 ڏينهن کان گم هئي تفصيل موجب بزرگ عورت جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته سندس ذهني توازن درست نه هو گذريل 12 ڏينهن کان گم هئي. سندس لاش تڌو ڊيم جي پويان گڏاپ ۽ ڄامشورو جي حدن ۾ پکڙيل جابلو علائقي مان هٿ آيو آهي. ڄاڻايل جابلو علائقو لڳ ڀڳ 15 کان 20 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي جتي پهچڻ لاءِ انتهائي ڏکين ۽ اڻانگن رستن تان گذرڻو پوي ٿو. واقعي جي اطلاع تي پوليس، ڪرائم سين ۽ ايڌي جون ٽيمون بروقت واقعي واري هنڌ پهچي ويون جتي ضروري قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. سمورا قانوني تقاضا پورا ڪرڻ بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.