منگل، 03 نومبر 2026
بریکنگ

مٺي بدين روڊ تي آئل ٽينڪر ۽ مسافر ڪوسٽر ۾ خوفناڪ ٽڪر، 5 ياتري فوت، 10کان وڌيڪ زخمي

سنڌي خبرون 24th Sep 2026 118 مناظر
مٺي بدين روڊ تي آئل ٽينڪر ۽ مسافر ڪوسٽر ۾ خوفناڪ ٽڪر، 5 ياتري فوت، 10کان وڌيڪ زخمي
مٺي (رپورٽر) مٺي بدين روڊ تي آئل ٽينڪر ۽ مسافر ڪوسٽر ۾ خوفناڪ ٽڪر، 5 ياتري فوت، 10کان وڌيڪ زخمي، 3 حيدرآباد ريفر تفصيل موجب مٺي-بدين روڊ تي آئل ٽينڪر ۽ مسافر ڪوسٽر وچ ۾ سامهون کان خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 مسافر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 10 کان وڌيڪ مسافر شديد زخمي ٿي پيا. حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙھ ۽ زخمين کي سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو. اطلاعات موجب، حادثي جو شڪار ٿيل مسافر ڪوسٽر ۾ سوار هئا، جن جو تعلق نوڪوٽ جي ڀيل ڪالوني سان آهي. ريسڪيو ذريعن موجب نئونڪوٽ مان ياترا لاءِ ڏيپلي طرف ويل خاندان واپسيءَ تي ان حادثي جو شڪار ٿيا. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ سڄڻ ولد ڪرمن، ڀيمراج ، ليکراج، سومار ۽ دودو شامل آهن. هوڏانهن اسپتال انتظاميا موجب زخمي ٿيلن مان 3 ڄڻن کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ريفر ڪيل زخمين ۾ هري ، اشوڪ ۽ پونم ڌيءُ سڄڻ شامل آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ