English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سيد ۽ ڪولهي برادري جو بااثرن خلاف ڌار ڌار احتجاج
38 views
|
13th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
هوتو ۽ ڪانجي ڪولهي ڪوڙا دستاويز ٺهرائي اسان جون زمينون ۽ پلاٽ وڪڻي ڇڏيا آهن: مظاهرين
عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کيجراڙي جي سيد برادري جي پريس ڪانفرنس ۽ ڪولھي برادري پاران احتجاجي مظاھرو سخت نعريبازي ڪئي ويئي خبر موجب عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کيجراڙي جي رھواسي سيد برادري جي ولي محمد شاھ شبير شاھ عباس علي ۽ عبدالرحمان شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڳوٺ وھرو لڳ ڪانجي ۽ ھوتو ڪولھي اسانجي زمين جا ڪوڙا دستاويز ٺاھي ڪيترائي پلاٽ غيرقانوني طور وڪرو ڪيا آھن اسان تي حملي ۽ گھر ڊاھڻ جا ڪوڙا الزام ھنيا پيا وڃن ھنن چيو ته ڪانجي ۽ ھوتو ڪولھي جو ڪم ئي ڪوڙيون درخواستون ڪري اٻوجھ عوام کي بليڪ ميل ڪرڻ آھي ۽ ھنن اسان تي اڳ ۾ به ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا پر مقامي عدالت اسان سان انصاف ڪيو ۽ بري ڪيو آھي جنھن جو رڪارڊ پڻ موجود آھي ۽ اختياريون نوٽيس وٺن جڏھن ته ڳوٺ وھرو باء پاس جي رھواسي ڪولھي برادري پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ھوتو ۽ ڪانجي ڪولھي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مٿن مبينه طور ڳوٺ جي پلاٽن تي قبضا ڪرڻ جا الزام ھنيا ان موقعي تي رائيدو ڪولھي مڪيو ڪولھي جيٺو ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪولھي برادري ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي پلاٽن کي ھوتو ۽ ڪانجي ڪولھي مبينه ڪوڙن دستاويزن سان وڪرو ڪري اسانکي حراسان ڪن ٿا اختياريون نوٽيس وٺن ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ھوتو ڪولھي ڪانجي ڪولھي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
هوتو ۽ ڪانجي ڪولهي
0 تبصرے