English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ جشن آزادي معرڪه حق ۽ پوليس جي شهيدن جي حوالي سان تقريب منعقد
251 views
|
04th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي سان گڏ شهيدن جي يادگار تي گُلدستو چاڙهي فاتحه ڪئي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)جشن آزادي معرڪہ حق جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي سان گڏ ايس ايس پي آفيس ۾ شهيدن جي يادگار تي گُلدستو چاڙهي فاتحه ڪئي ۽ شهيدن جي عظيم قرباني کي خراج تحسين پيش ڪيو، جڏهن ته پوليس جي دستي پاران سلامي پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم، ايس ڊي پي او وحيد بيگ لاڙڪ، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر فضل قريشي، ڊي ايس پي شڪايت سيل سيد علي گوهر شاهه، ڊي آءِ بي انچارج انسپيڪٽر اي ڊي شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. بعد ۾، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي پاران ڪانفرنس هال ۾ شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي تحفا پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي چيو ته اڄوڪي تقريب نه رڳو شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي پر زنده اهلڪارن لاءِ جرئت، جذبي ۽ فرض جي احساس جي عملي پيغام سان گڏوگڏ شهيدن جي خاندانن جي حوصلا افزائي ۽ مدد ڪرڻ پڻ آهي. هن چيو ته شهيد اسان جا محسن آهن، قوم سندن قرضدار آهي، شهيدن جي قربانين تي فخر آهي، انھن جون لازوال قربانيون ناقابل فراموش آهن. هُن مادر وطن جي امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ پوليس، پاڪ فوج ۽ ٻين شهيدن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي ٻين سمورن عملدارن سان گڏ پوليس لائن مسجد ۾ منعقد قرآن خواني ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي جڏھن تہ پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين سمورن ادارن جي شهيدن جي بُلند درجن ۽ ملڪ ۽ قوم جي سالميت، استحڪام ۽ حفاظت لاءِ دعا پڻ گهري. ان کان علاوه ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ مڪلي قبرستان ۾ پاڪ فوج جي شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي سندن مغفرت لاءِ دعا گهري.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جشن آزادي معرڪه حق
ٺٽو
0 تبصرے