English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل پاران پٽ، سندس زال ۽ سالن خلاف احتجاج
views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ هائي ڪورٽ جي ايڊوڪيٽ غلام مصطفي منگي جي گهر مان پٽ, ننهن ۽ سندن سالن طرفان ڦر، گهر ۾ موجود ڪراڙي امڙ رڙيون ڪندي مدد لاء پکاريندي رهي، عجيب ۽ غريب ڦر ۾ پيءَ جي غير موجودگي ۾ پٽ ۽ سندس زال ساٿين سان گڏ ڀينرن جو رکيل ڏاج سونا زيور گهر جا ڪاغذ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار، ڪراڙي امڙ سچل ٿاڻي پهچي پٽ، نهن ۽ سندن ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪرايو منهنجو پٽ نافرمان ۽ دجال آھي جنهن کي ڀينرن ڪراڙي ماء ۽ پيء جي به ڪا لڄ نه ٿي ڦر خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ درخواستون جمع ڪرائڻ باوجود اڃان تائين ڪا به ڪاروائي نه ٿي آھي پٽ ۽ نهن کي سرڪاري نوڪري تان برطرف ڪري جانچ ڪرائي وڃي ايڊوڪيٽ هائي ڪورٽ غلام مصطفي منگي جي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب سنڌ هائي ڪورٽ جي سينيئر ايڊوڪيٽ غلام مصطفي منگي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پري ڪانفرنس ڪندي پنهنجي پٽ دانش منگي، نهن ڪوثر پروين ۽ سندن سالن محمد اسد ۽ وقاص تي الزام هڻندي چيو آھي ته هنن 15جولائي 2023 تي منهنجي غير موجودگي ۾ گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ موجود منهنجي نياڻين جي شادي جو ڏاج سونا زيور گهر جا ڪاغذ ۽ قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا ان موقعي تي منهنجون ڌيئرون ۽ زال رڙيون ڪنديون مدد لاء پکاريندي رهيون پر هن ڦورو ٽولي کي ڪو به رحم نه آيو هن چيو ته منهنجي نهن ڪوثر پروين آئي پي سي ۾ سيڪشن آفيسر ۽ هاڻ اين آئي پي اي ۾ ايڊمنسٽريشن ٽرينگ آھي جڏهن ته منهنجو پٽ دانش منگي ايف آئي اي ۾ اي ايس آئي آھي سندس سالو محمد اسد آئي جي سنڌ آفيس ڪراچي ۾ جونيئر ڪلرڪ آھي جن خلاف منهنجي گهر واري ڦر واري ڏينهن سچل ٿاڻي پهچي ڪيس نمبر 460 داخل ڪرايو جڏهن ته ڄاڻايل سرڪاري جوابدار ملازمن خلاف لاڳاپيل ادارن کي درخواستون پڻ جمع ڪرايون آھن ۽ مون واقعي خلاف ڪورٽ ۾ پڻ پٽشن داخل ڪرائي آھي پر پوء به ڄاڻايل جوبدارن کي معطل ڪرڻ سميت ڪا به ڪاروائي نه ڪئي ويئي آھي هن ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته جنهن پٽ کي نپائي پالي پڙھائي اعلي نوڪري تائين پهچايو ان پٽ نه رڳو نافرماني ڪئي پر زال جي چوڻ تي دجال جو ڪردار ادا ڪندي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آھي 27سالن کان سنڌ هائي ڪورٽ ۾ وڪالت ڪري رهيو آھيان پر پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافي جي انصاف لاء دربدر آھيان ڄاڻايل ٽولو ھاڻ مون سميت منهنجي گهر ڀاتين کي جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي هن چيف سيڪريٽري سنڌ آئي جي سنڌ ايف آئي جي اعلي اختيارين سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته منهنجي گهر مان ڦر ڪندڙ ڄاڻايل ٽولي خلاف فوري ڪاروائي ڪري ڪورٽ مان فيصلو اڄڻ تائين جوابدارن کي معطل ڪيو وڃي ته جئين هو سرڪاري عهدن ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪري سگهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
0 تبصرے