English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي 90 ڪروڙ 87 لک 99 ھزار 308 رپين جي بجيٽ پيش
views
|
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي جي سالياني بجيٽ 29 ھزار 745 رپيا بچت واري بجيٽ آھي: نواب محمد يونس ٽالپر
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو بجيٽ اجلاس 90 ڪروڙ 87 لک 99 ھزار 308 رپين جي بجيٽ پيش، ميمبرن طرفان پاڻي جي کوٽ جون شڪايتون. خبر موجب ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو بجيٽ اجلاس ضلعي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ ضلع ڪائونسل هال ۾ منعقد ٿيو اجلاس ۾ ضلعي وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري، ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن شاھنواز جوڻيجو، صوفي عقيل احمد، نورجھان ڳيلھڙو، کينپالداس ڪولھي، ھيمنداس بچواڻي، چيف آفيسر امتياز ھاليپوٽو، الطاف ڪي ڪي سميت ٻين ميمبرن مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي اجلاس دوران ضلعي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي اجازت سان ڪائونسل جي سينيئر ميمبر نواب محمد يونس ٽالپر بجيٽ جا تفصيلي انگ اکر ايوان ۾ پيش ڪيا ۽ ٻڌايو ته عمرڪوٽ ضلعي جي سال 26-2025 جي ڪل سالياني بجيٽ 90 ڪروڙ 87 لک 99 ھزار 308 رپيا آھي ۽ 29 ھزار 745 رپيا بچت واري ھي بجيٽ آھي نواب محمد يونس ٽالپر بجيٽ جا تفصيلي انگ اکر ايوان آڏو پيش ڪندي ٻڌايو ته پھرين جولاء 2025 تائين اوپنگ بيلنس 56 ڪروڙ 11 لک 99 ھزار 308 رپيا آھي جڏھن ته سالياني اپت 34 ڪروڙ 76 لک ٿيندي اھڙي ريت بجيٽ جي تفصيلي انگن اکرن موجب نواب محمد يونس ٽالپر ٻڌايو ته حڪومت پاران او زيڊ ٽي شيئر 32 ڪروڙ 75 لک 40 ھزار ملندا ٽينڊر في 50 ھزار مال پڙي 5 ھزار دڪانن جي مسواڙ 5 ھزار ھوندي اھڙي ريت گاڏين جي مرمت لاء 6 لک پريس ڪلب جي گرانٽ لاء 4 لک رپيا ميشينري ڪمپيوٽر جي خريداري لاء 10 لک رپيا مخصوص ڪرڻ سميت ٻيا انگ اکر شامل آھن بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ نواب محمد يونس ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي آبپاشي کاتي جي لاپرواھي سبب آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي ھن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اڳئي اجلاس ۾ پاڻي جي اھم مسئلي بابت لاڳاپيل عملدارن کي پڻ گُھرايو وڃي ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاء قدم کنيا وڃن بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي چيو ته ھي تاريخي بجيٽ پيش ڪري رھيا آھيون جنھن سان عمرڪوٽ ضلعي جي چئن ئي تعلقن ۾ رڪارڊ ڪم ٿيندا ۽ عوام کي بنيادي سھولتون ملنديون اھو ئي پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل
نواب محمد يونس ٽالپر
0 تبصرے