English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي 90 ڪروڙ 87 لک 99 ھزار 308 رپين جي بجيٽ پيش
68 views
|
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي جي سالياني بجيٽ 29 ھزار 745 رپيا بچت واري بجيٽ آھي: نواب محمد يونس ٽالپر
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو بجيٽ اجلاس 90 ڪروڙ 87 لک 99 ھزار 308 رپين جي بجيٽ پيش، ميمبرن طرفان پاڻي جي کوٽ جون شڪايتون. خبر موجب ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو بجيٽ اجلاس ضلعي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ ضلع ڪائونسل هال ۾ منعقد ٿيو اجلاس ۾ ضلعي وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري، ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن شاھنواز جوڻيجو، صوفي عقيل احمد، نورجھان ڳيلھڙو، کينپالداس ڪولھي، ھيمنداس بچواڻي، چيف آفيسر امتياز ھاليپوٽو، الطاف ڪي ڪي سميت ٻين ميمبرن مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي اجلاس دوران ضلعي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي اجازت سان ڪائونسل جي سينيئر ميمبر نواب محمد يونس ٽالپر بجيٽ جا تفصيلي انگ اکر ايوان ۾ پيش ڪيا ۽ ٻڌايو ته عمرڪوٽ ضلعي جي سال 26-2025 جي ڪل سالياني بجيٽ 90 ڪروڙ 87 لک 99 ھزار 308 رپيا آھي ۽ 29 ھزار 745 رپيا بچت واري ھي بجيٽ آھي نواب محمد يونس ٽالپر بجيٽ جا تفصيلي انگ اکر ايوان آڏو پيش ڪندي ٻڌايو ته پھرين جولاء 2025 تائين اوپنگ بيلنس 56 ڪروڙ 11 لک 99 ھزار 308 رپيا آھي جڏھن ته سالياني اپت 34 ڪروڙ 76 لک ٿيندي اھڙي ريت بجيٽ جي تفصيلي انگن اکرن موجب نواب محمد يونس ٽالپر ٻڌايو ته حڪومت پاران او زيڊ ٽي شيئر 32 ڪروڙ 75 لک 40 ھزار ملندا ٽينڊر في 50 ھزار مال پڙي 5 ھزار دڪانن جي مسواڙ 5 ھزار ھوندي اھڙي ريت گاڏين جي مرمت لاء 6 لک پريس ڪلب جي گرانٽ لاء 4 لک رپيا ميشينري ڪمپيوٽر جي خريداري لاء 10 لک رپيا مخصوص ڪرڻ سميت ٻيا انگ اکر شامل آھن بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ نواب محمد يونس ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي آبپاشي کاتي جي لاپرواھي سبب آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي ھن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اڳئي اجلاس ۾ پاڻي جي اھم مسئلي بابت لاڳاپيل عملدارن کي پڻ گُھرايو وڃي ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاء قدم کنيا وڃن بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي چيو ته ھي تاريخي بجيٽ پيش ڪري رھيا آھيون جنھن سان عمرڪوٽ ضلعي جي چئن ئي تعلقن ۾ رڪارڊ ڪم ٿيندا ۽ عوام کي بنيادي سھولتون ملنديون اھو ئي پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل
نواب محمد يونس ٽالپر
0 تبصرے