English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ سپر هاءِ وي تي 3 کدڙا فقير بيدردي سان قتل
views
|
21st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاع تي پوليس پهچي عيني، اسما ۽ ثمينا جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ گوٺ ٿاڻي جي حدن ۾ سپر هاءِ وي ويجهو نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽي کدڙن فقيرن کي قتل ڪري ڇڏيو اوچتو گوليون هلڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي وئي. پوليس موجب ٽنهي جا لاش هڪٻئي کان ڪجهه قدمن تي پٽ تي پيل هئا جن ويجهو کان نشانو بڻايو ويو هو اطلاع ملندي ئي پوليس وڏي انگ ۾ پهتي ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ بعد لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ذريعن موجب رات دير سان علائقي واسين گولين جي آواز ٻڌي واقعي واري هنڌ پهتا ته ٽئي خواجه سرا زمين تي ڪري چڪا هئا، جڏهن ته حملي آور فرار ٿي ويا ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻن خواجه سرائن کي سينن ۾ ۽ هڪ کي مٿي ۾ گولي لڳي، ٽنهي کي هڪ هڪ گولي ماري وئي هئي. واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پسٽول جا ٻه خول مليا. هن ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ کان پرس، ٽيشو ۽ ڪجهه ٻيون شيون به مليون آهن پر مقتولن جي سڃاڻپ تڏهن نه ٿي هئي بعد ۾ پوليس مقتول خواجه سرائن جي سڃاڻپ ڪري ورتي. فوتي عيني، اسما ۽ سمينه بلاول گوٺ ۽ صفورہ جي علائقن ۾ رهائش پذير هيون. واقعي کان پوءِ خواجه سرا ڪميونٽي ۽ مقامي سماجي تنظيمون وڏي غم ۽ غصي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
کدڙا فقير بيدردي سان قتل
عيني، اسما ۽ ثمينا جا لاش
0 تبصرے