English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جنگشاھي ۾ ضمني چونڊ ۾ پيپلز پارٽي اميدوار جي ڪاميابي
views
|
24th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
وائيس چيئرمين جو اميدوار انجنيئر مقصود سومرو ڪامياب
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)يونين ڪائونسل جنگشاھي جي وائيس چيئرمين جي خالي ٿيل سيٽ تي ٿيل ضمني چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار، حاجي عبدالرحمان سومرو جي فرزند انجنيئر مقصود سومرو غير حتمي غير سرڪاري نتيجن مطابق شاندار ڪاميابي ماڻي ورتي. انتخابي نتيجن موجب انجنيئر مقصود سومرو ڇهن پولنگ اسٽيشنن تان ڪل 1280 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيا، جڏهن ته آزاد اميدوار نواز 269 ۽ ملڪ وقاص 245 ووٽ حاصل ڪري ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهيا. ڪاميابي جو اعلان ٿيندي ئي علائقي ۾ خوشي وارو ماحول پيدا ٿي ويو، وڏي تعداد ۾ ماڻهن پيپلز پارٽي ٺٽو جي ضلعي صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر صادق علي ميمڻ جي اوطاق تي پهچي مبارڪون ڏنيون ۽ جشن ملهايو. ان موقعي تي خطاب ڪندي صادق علي ميمڻ چيو ته “هيء ڪاميابي عوام جي ڀروسي ۽ شهيدن جي قربانين جو نتيجو آهي، اسان ايمانداري ۽ سچائي سان علائقي جي خدمت جاري رکنداسين، جڏهن ته ترقياتي منصوبا تيزيءَ سان مڪمل ڪيا ويندا.” انجنيئر مقصود سومرو به عوام جي اعتماد تي سندن ڀرپور شڪريو ادا ڪيو ۽ عزم ڪيو ته هو جنگشاھي ۾ تعليم، صاف پاڻي ۽ روڊن جي بهتري لاءِ پنهنجون سڀ ڪوششون وقف ڪندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
جنگشاھي جي وائيس چيئرمين
0 تبصرے