اسلام علم حاصل ڪرڻ کي هر مسلمان تي فرض قرار ڏنو آهي. استاد کي جيڪا عظمت عطا ڪئي وئي آهي، سا علم جي وقار کي بلند ڪرڻ لاءِ آهي. استاد کي اهو شرف حاصل آهي ته هيءُ عظيم پيشو سرڪارِ دو عالم ﷺ سان خاص نسبت رکي ٿو. جيئن ته حضور ﷺ جو فرمان آهي: "مون کي استاد (معلم) بڻائي موڪليو ويو آهي."
استاد نئين نسل جي صحيح اوسر ۽ ان جي سوچ ۽فهم جو سڌارو ٿا ڪن ۽ استاد پنهنجي شاگردن جي رهنمائي ڪري انهن جي سوچ ۽ فهم کي صحيح رخ ڏيڻ وارو ستارو بڻائيندو آهي. استاد جي نئين نسل جي تعمير انهيءَ ڪٽيل قلب تي ٿيندي آهي، جنهن ۾ استاد ان کي علم جي روشني سان منور ڪندو آهي. استاد جي عزت ۽ احترام بابت به سرڪارِ دو عالم ﷺ تاڪيد ڪندي فرمايو آهي ته:
تنهنجا دنیا ۾ ٽي والد آهن، هڪ اهو جنهن تو کي دنيا ۾ وجود ڏنو،ٻيو اهو جنهن تو کي پنهنجي نيائي جو سڱ ڏنو ۽ ٽيون اهو جنھن توکي علم جي دولت سان مالا مال ڪيو ۽ اهو افضل درجو آهي.
استاد جو علم مينهن جيان آهي ۽ شاگرد جو مثال زمين جيان آهي،جيڪا زمين مينهن جي پاڻي کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي سا مينهن جي فيض سان سر سبز و شاداب ٿي پوي ٿي.
ساڳي طرح جيڪي شاگرد پنهنجي استاد جي ڏنل تعليم تي عمل ڪن ٿا اهي ئي علم مان لاڀ حاصل ڪن ٿا.
اهو بلند حوصلو ۽ ظرف به والدين سان گڏ فقط استاد کي ئي حاصل هوندو آهي جو هو پنهنجي شاگردن کي پاڻ کان اڳتي وڌندو ڏسي حسد نه ڪندو آهي پر خوش ٿيندو آهي.
هڪ حقيقي استاد پنهنجي شاگردن جي ڪاميابي کي ئي پنهنجي ڪاميابي سمجهندو آهي.
اهڙن ئي استادن مان
مرحوم سائين الله ڏتو پنهور جو نالو املھ آهي جنهن کي عام طور تي سر اي ڊي A.D سڏيو ويندو هو پاڻ انهن عظيم استادن جي فهرست ۾ شامل هئا، جن تعليم جي ميدان ۾ قابلِ قدر خدمتون سرانجام ڏنيون.
توهان زندگي ۾ جتي به پهچو، اهو استاد ضرور ياد ڪيو، جنهن اوهان کي علم جي روشني عطا ڪئي ۽ جنهن توهان کي ان منزل تي ڪاميابي سان پهچايو.
سائين اي ڊي جو شمار به اهڙن عظيم استادن ۾ آهي جنهن پنهنجي سڄي حياتي علم جي روشني پکيڙڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
سائين جو نالو نه رڳو ضلعو ڄامشورو پر سڄي سنڌ ۾ عزت ۽ فخر سان ورتو ويندو آهي. سائين جي شخصيت ڪنهن تعريف جي محتاج ناهي.
سائين اي ڊي 3 مارچ 1967ع تي ڳوٺ آراضي ويجهو پيدا ٿيا.سندن جي والد جو نالو سانون خان پنهور هو.
سائين جون ڳالهيون ۽ نصيحتون اڄ به ياد اينديون آهن. انهن جون نيڪيون ڳڻپ کان ٻاهر آهن. سيوھاڻين کي اهڙي سپوت تي فخر آهي.
سائين اي ڊي ٻالڪپڻ کان ئي هوشيار ۽ علم جا شوقين هئا. سندن جي ڳوٺ ۾ اسڪول نه هئڻ سبب هو روزانو 2 ڪلوميٽر پنڌ ڪري آراضي جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئا. سڀ مشڪلاتون ۽ غربت هوندي به پاڻ تعليم لاءِ جدوجهد ڪندا رھيا . ڪجھ وقت کان پوء اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاء واھ نه ملڻ جي ڪري پاڻ محنت ۽ مزدوري ڪري پنهنجي تعليم جو خرچ پورو ڪندا هئا ۽ انتهائي غربت جي باوجود سائين ايم اي (اسلاميات) ۽ ايم ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 15 جولاءِ 1989ع ۾HST استاد طور جهانگارا ۾ مقرر ٿيا.
اتان جي ماڻهن سائين تي ٺٺوليون ڪيون ته هي ننڍو ڇوڪرو ڪيئن ٻارن کي تعليم ڏيندو؟
پر سائين جي ذهانت ۽ پڙهائڻ جو طريقو ڏسي اهي ڏاڍا خوش ٿيا.
سائين اي ڊي غربت باوجود پنهنجي جذبن کي ڪمزور نه ٿيڻ ڏنائون.
جهانگارا کان سيوهڻ بوائز هاء اسڪول بدلي ٿي آيا ته جهانگارا جي ماڻهن کي تمام گهڻو ڏک ٿيو ته هڪ سٺو سندن کي ڇڏي ويو پر سائين پنهنجيون تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا.
سائين جي قابلیت جي هاڪ پوري شهر ۾ پکڙجي وئي.
ان دور ۾ ڪلاس يارهين ۽ ٻارهين درجي جي تعليم جو نظام درهم برهم ڏسي ۽ مشڪل حالتن باوجود، پاڻ تعليم جو ڏيئو روشن رکيو ۽ سيوهڻ واسين جي اولاد جي مستقبل لاء هڪ ڪوچنگ سينٽر قائم ڪيو. سندن جو قائم ڪيل "اي ڊي آئيڊيل ڪوچنگ سينٽر" ايترو ڪامياب ٿيو جو روز بروز سندن شاگردن ۾ اضافو ٿيندو ويو جتي سائين جا ڪيترائي شاگرد ڪامياب ٿيا ۽ انجنيئر، ليڪچرار ۽ ڊاڪٽر بڻيا ۽ سندن ڪيترن ئي شاگردن آرمي، نيوي، ايئر فورس ۽ سي ايس ايس جا امتحان به ڪاميابيءَ سان پاس ڪيا.
سندن قائم ڪيل ادارو ترقي ماڻي "اي ڊي آئيڊيل اڪيڊمي آف ايجوڪيشن" بڻيو آهي جتي مختلف ماهر پروفيسرن جي نگراني ۾ اڃان تائين ڪاميابين ۽ ڪامرانين طرف قدم روان دوان آهي ۽ شاگرد پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ پھچي رهيا آهن.
سال 2002ع ۾، سر اي ڊي سيوهڻ شهر ۾ غريب ٻارن جي تعليم لاءِ آئيڊيل پبلڪ اسڪول جو بنياد وڌو جيڪو اڄ به "اي ڊي آئيڊيل پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول" جي نالي سان تعليم جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. جنهن ۾ سائين جا فرزند سانوڻ خان پنهور،سرواڻ پنهور ۽ سائين جا شاگرد سندن علمي مشن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.
سائين اللہ ڏتو پنهور کي 10 فيبروري تي عمره جي سعادت نصيب ٿي ۽ پاڻ مديني منورہ ۾ 12 ڏينهن گذاريائون ۽ مقدس زيارتن کان فيض ياب ٿيا. اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب، سندن وفات مديني ۾ ٿي. هر علم دوست جي خواهش هوندي آهي ته هو مديني ۾ مري ۽ اتي ئي دفن ٿئي ۽ اها سعادت سائين اي ڊي کي نصيب ٿي، ۽ کين جنت البقيع جي مطھر قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
استاد ڪو عارضي عهدو ناهي، پر اهڙو رشتو آهي، جيڪو ڪڏهن ختم نٿو ٿئي. اها سرزمين خوش نصيب آهي جتي اهڙا استاد پيدا ٿيا. سندن لاڏاڻي کان پوءِ به، سندن شاگرد سندن علم مان فيض حاصل ڪري رهيا آهن.
ڄامشورو جهڙي تعليمي پسماندگيءَ واري علائقي ۾ اهڙي عظيم انسان جون خدمتون نظرانداز نٿيون ڪري سگهجن.
الله تعاليٰ سائين اللہ ڏتو پنهور کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
سائين جي وڇوڙي تي سيوهڻ واسين سميت سندن هر شاگرد جي اک آلي هئي،سر اي ڊي جو نالو اڄ به سندن شاگردن ۽ چاهيندڙن جي دلين ۽ دعائن ۾ زنده آهي.
پاڻ ته هليا ويا پر سندن تعليمات اڄ به روشن ڏيئي وانگر موجود آهي.
سر اي ڊي جو خال ڀرجڻ مشڪل آهي پاڻ هر مضمون ۾ ماهر هئا، يتيم ۽ غريب شاگردن جي هميشه مدد ڪندا هئا،پاڻ چوندا هئا ته: "بس انهن شاگردن جون دعائون ئي منهنجي لاءِ ڪافي آهن." اسڪول جي سالياني تقريب ۾ پاڻ ان ڳالھ تي زور ڏيندا هئا ته اسان جو پرائيويٽ تعليمي ادارو ھئڻ باوجود سنڌ ٽيڪسٽ بڪس پيو پڙهائي ٻيا نجي تعليمي ادارا به سنڌ ٽيڪسٽ سيليبس کي فالو ڪن ۽ رڳو غيرملڪي ڪورسز تي نه ڀاڙين ڇو ته ٻار جيڪو مادري زبان ۾ سمجهي سگهندو اوترو ٻي ٻولي ۾ نه سمجھي نه سگھندو ۽ منهنجي نظريي مطابق ٻارن کي پهرئين ڪلاس کان پنجين ڪلاس تائين پنهنجي مادري ٻولي ۾ پڙهائجي ۽ اڳتي انگريزي زبان ۾،سنڌ ٽيڪسٽ جا بڪس انگلش ٻولي ۾ به موجود آهن.
جڏهن ته ٻيا اسڪول اٺين ڪلاس تائين ٻيا ڪورس پڙهائين ٿا پر نائين ڪلاس کان ٻارھين ڪلاس تائين وري سنڌ ٽيڪسٽ بڪس ڇو ٿا پڙهائين؟
ڇو ته اهي مجبور آهن جو بورڊ جا امتحان ان ڪورس مان ٿا ٿين ڪاش اسان جي سنڌ حڪومت سمورن پرائيويٽ اسڪولن کي ان ڳالھ جو پابند ڪري ته اھي سنڌ ٽيڪسٽ جي بڪس کي پڙهائن ته جيئن شاگرد سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت، جاگرافي ۽ سماج کان واقف ٿي سگهي.
سائين اي ڊي اسڪول جي ماهوار ميٽنگ جي دوران پنهنجي استادن کي ليڪچر ڏيندي چيو ته:
✨استاد آھي روشني، علم جو ڏيئو،
اُهو ڏيکاري ٿو، سچائيءَ جو رستو۔
صبر جو سمنڊ، اخلاق جو خزانو،
شاگردن لاءِ پيار جو آهي ديوانو۔
وقت جو پابند، هميشه تيار،
علم جي خدمت، سندس فن بيشمار۔
انصاف ڪري، نه ڪري ڪڏهن فرق،
هر دل ۾ جاڳائي ٿو اميد جي چمڪ۔
قلم جي طاقت، هٿن ۾ ساڻ،
قوم جي تعمير جو، پاڻ آهي پانڌ۔
هو ٻڌائي ٿو خواب، ڏيکاري ٿو راهه،
اُهو ئي آهي، حقيقي سپاهه۔
منهنجا پيارا استاد ساٿيو!
"هڪ بهترين استاد اهو هوندو آهي، جيڪو علم جي روشني سان شاگردن جي ذهنن کي روشن ڪري ٿو. سندس شخصيت ۾ سچائي، ايمانداري، صبر، ۽ محبت هوندي آهي. هو نه رڳو ڪتابي علم سيکاري ٿو، پر زندگيءَ جا اصول به سجهائي ٿو۔"
"هڪ سٺو استاد شاگردن جي خامين کي برداشت ڪري ٿو ۽ سندن اندر پوشيده صلاحيتن کي اجاگر ڪري ٿو. وقت جي پابندي، اخلاق جي عظمت، ۽ قوم لاءِ خدمت جو جذبو هن جي سڃاڻپ هوندي آهي.
هُو نه رڳو پڙهائيندو آهي، پر پاڻ به زندگيءَ جو سچو سبق ڏئي ٿو۔ شاگردن لاءِ هڪ مثالي ڪردار بڻجي، مستقبل جي واٽ هموار ڪري ٿو۔"
اللہ پاڪ شل اسان جي وڇڙيل ويل استادن تي پنهنجي رحمت جو سايو عطا فرمائي ۽ اسان کي انهن جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين
استاد لفظ محتاج ناهي ڪنهن سمي جو،
استاد هر سمي ۾ استاد ٿو سڏجي،
هن سرزمین جو ڄايو هڪ خوش ڪلام دانشور،
وڇڙي وڃڻ کانپوء به استاد ٿو سڏجي.
0 تبصرے