اسٽيل مل جو سي اي او زبردستي ساڍا ٽي لک کان وڌيڪ آبادي جو پاڻي بند ڪري رکيو آهي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد ۾ ٽن مهينن کان پاڻي جي فراهمي بند هجڻ خلاف سٽيزن فورم جي سڏ تي علائقي واسين پاران الله والا چورنگي کان قومي شاهراهه تائين وڏي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ريلي ۽ مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، جن تي اسٽيل مل سي اي او کي هٽايو۽ پاڻي بحال ڪيو جهڙا نعرا لکيل هئا. مظاهرين اسٽيل مل جي انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي علائقي واسين جو چوڻ هو ته اسٽيل مل جو سي اي او زبردستي ساڍا ٽي لک کان وڌيڪ آبادي جو پاڻي بند ڪري رکيو آهي ۽ خلق جي تڪليفن جو تماشو ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته پ پ سميت سموريون سياسي پارٽيون هن معاملي ۾ بي وس نظر اچي رهيون آهن.اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٽن مهينن کان پاڻي بند هجڻ سبب علائقي جا ماڻهو سخت عذاب ڀوڳي رهيا آهن، پر اسٽيل مل چيئرمين ۽ حڪومت نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور پاڻي بحال نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ اسٽيل مل روڊ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيندو.
0 تبصرے