واڻ ڪنڊ جي عبدالله ڪانڙو ڳوٺ جو پرائمري اسڪول گذريل ڏهن سالن کان بند، ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو احتجاج
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تعليم کاتي جي اربين رپين جي بجيٽ هوندي به ملير ۽ گڏاپ ۾ ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، جنهن سبب سوين ٻار تعليم کان محروم آهن واڻ ڪنڊ جي عبدالله ڪانڙو ڳوٺ جو پرائمري اسڪول به گذريل ڏهه سالن کان بند پيل آهي جنهن تي ڳوٺاڻن والدين ۽ شاگردن تعليم کاتي خلاف احتجاج ڪيو آهي.ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته “گذريل ڏهه سالن کان اسان جي ڳوٺ جي اسڪول کي تالو لڳل آهي، اسڪول جي بلڊنگ ويران ۽ تباهه ٿي وئي آهي، تعليم کاتي اسان جي ٻارڙن جو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو آهي. انهن وڌيڪ چيو ته گڏاپ ۾ ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، اسان ڏهه سالن کان درخواستون ڏئي رهيا آهيون پر هڪ استاد به مقرر نه ڪيو ويو آهي، جيڪو اسان سان وڏو ظلم آهي والدين جو چوڻ آهي ته سندن ٻار پڙهڻ چاهين ٿا پر استاد ئي ناهن، اسڪول جي عمارت نه آهي ۽ نه ئي فرنيچر موجود آهي. ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور بند پيل اسڪول کوليا وڃن، استاد ۽ ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن سندن ٻار به تعليم حاصل ڪري سگهن.ڳوٺاڻن جو اهو به چوڻ هو ته جيڪڏهن تعليم کاتي طرفان فوري قدم نه کنيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے