4مهينا اڳ پئٽرول پمپ جو ٽرانسفارمر چوري ٿي ويو: سڪندر علي ڪورائي
مورو (جاني جماڻي) پيپلز پارٽيءَ اڳواڻ سڪندر علي ڪورائي مورو پريس ڪلب۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ سدوجا ٿاڻي جي حد م منھنجو پيٽرول پمپ آھي جتي چار مھينا چور منھنجو بجلي جو ٽرانسفارمر چوري ڪري ويا جن چورن کي منھنجي چوڪيدار اختر رند سڃاڻي ورتو واقعي جو ڪيس سڌوجا ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر پوليس مذڪورہ نامزد جوابدار حميداللہ نيازي کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي پوليس ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل رھي جنھن بعد اسانکي خبر پوڻ تي جوابدار حميداللہ کي اسان پڪڙي سڌوجا ٿاڻي جي ايس ايڇ او سڪندر چانگ، اي ايس آء اسلم وڳڻ، منشي اياز حوالي ڪيو جن جوابدار کي عدالت م پيش ڪرڻ بدران سندس کان لکين روپيہ رشوت وٺي کيس ڇڏي ڏنو جڏھن تہ گرفتار جوابدار جي پوليس تحويل م ھجڻ جون وڊيوز پڻ اسان وٽ موجود آھي پوليس جي اھڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، ھن چيو تہ اسان سان ھي حالت آھي تہ عام ماڻھون سان ڪھڙو ظلم ھوندو، ھن پريس ذريعي اعلي اختيارين آء جي سنڌ پوليس، ڊي اء جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان مطالبو ڪيو آھي تہ روپوش جوابدار گرفتار ڪري ملوث اھلڪارن خلاف قدم کنيو ؤڃي.ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0 تبصرے