English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ خلاف وارثن جو احتجاج
145 views
|
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس مال جي واڙي تان اميد علي پالاري کي کنڀي هاف فراءِ ڪيو: وارث
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)جهمپير ٿاڻي جي حد ۾ مال جي واڙي تان شورا موري جي رهواسي نوجوان اميد علي پالاري ولد شفيع محمد پالاري کي ٽي ڏينهن اڳ نوري آباد پوليس طرفان حراست ۾ وٺي، بعد ۾ مبينا طور تي جعلي پوليس مقابلي ۾ “هاف فراءِ” ڪرڻ جي واقعي خلاف پالاري برادريءَ جي ماڻهن عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سخت احتجاج ڪيو۔پريس ڪانفرنس دوران انوَر پالاري، رشيد پالاري، ڪرم پالاري ۽ محمد حسن پالاري الزام هنيو ته نوري آباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او حاڪم جلباڻي ۽ منشي نواز لاشاري پوليس جي وڏي نفري سان گڏجي سندن گهرن تي چڙهائي ڪئي۔ پوليس زبردستي گهرن ۾ داخل ٿي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو، عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪيو ۽ عورتن جي توهين به ڪئي۔سندن چوڻ هو ته پوليس گهرن ۾ توڙڦوڙ ڪئي ۽ 8 بڪريون، 2 موٽرسائيڪلون، سون، ڪپڙا، بسترا ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي وئي، جڏهن ته نوجوان اميد علي پالاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو۔ بعد ۾ پوليس کيس جعلي مقابلي ۾ “هاف فراءِ” ڪري زخمي ڪيو ۽ ان جي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو۔متاثر ماڻهن ٻڌايو ته هو تازين برساتن کان پوءِ مال جي چارَي جي تلاش ۾ ضلعي ٺٽي جي حد شفو گولائي وٽ عارضي طور رهائش پذير هئا، جتي ٽي راتيون اڳ نوري آباد پوليس بلاجواز سندن گهرن تي ڇاپو هنيو۔انهن الزام لڳايو ته جڏهن پوليس سان اميد علي جي آزاديءَ لاءِ ڳالهه ڪئي وئي، تڏهن منشي نواز لاشاري پنج لک رپيا رشوت جو مطالبو ڪيو، ۽ رقم نه ڏيڻ تي پوليس کيس جعلي مقابلي ۾ زخمي ڪيو۔متاثر ماڻهن آئي جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته نوري آباد پوليس جي زيادتين ۽ مبينا جعلي مقابلي جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، گرفتار نوجوان اميد علي پالاري کي آزاد ڪيو وڃي، ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي، ۽ پوليس طرفان کنيل سامان واپس ڪرايو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ نوجوان کي هاف فراءِ
0 تبصرے