English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
افغان بستي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، 300 گهر ڊاهي پٽ، ڇڪتاڻ، 5 ڄڻا گرفتار
216 views
|
15th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ۾ 40 سالن کان قائم سڀ کان وڏي افغان بستي کي مسمار ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا، پوليس، رينجرز ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (MDA) جي مدد سان وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو ويو انتظاميا ڳري مشينري جي مدد سان بستي اندر خالي ۽ خستہ حال گهر، جھونپڙيون ۽ ڀتيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون۔ آپريشن دوران علائقي کي مڪمل سڪيورٽي لاءِ سيل ڪيو ويو، جڏهن ته رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر به موجود هئا آپريشن خلاف ڪيترن ئي گهرن مان مقامي رهواسي ٻاهر نڪري آيا ۽ اهلڪارن تي پتراو ڪيو، جنهن سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي۔ پوليس جواب ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪري صورتحال تي ضابطو آندو ۽ پنج ماڻهن کي گرفتار ڪيو انتظاميا موجب بستي ۾ مجموعي طور 31 سئو هئا، جن ۾ لڳ ڀڳ 16 هزار افغان رهائش پذير هئا۔ آپريشن جي شروعاتي مرحلي ۾ 300 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪارروائي مڪمل گهر ڊاهي زمين حڪومت حوالي ڪرڻ تائين جاري رهندي ذريعن مطابق ڊي آءِ جي ويسٽ پاران خالي پلاٽن تي قبضن ۽ غيرقانوني تعميرن بابت خط لکڻ کان پوءِ اها ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيترائي افغان خاندان اڳ ئي پنهنجا گهر خالي ڪري افغانستان واپس هليا ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه خاندان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي لڏپلاڻ ڪري ويا هئا انتظاميا واضح ڪيو آهي ته آپريشن جاري رهندو ۽ بستي جا سمورا خالي گهر، ڪچي آبادي جا ڍانچا ۽ غيرقانوني تعميرون مڪمل طور ختم ڪيون وينديون ته جيئن زمين کي قبضه مافيا کان محفوظ بڻائي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ملير ۾ افغان بستي ڊاهڻ
0 تبصرے