English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: قاسم ڊينم جي انتظاميا ۽ ٺيڪيدار خلاف پورهيتن جو احتجاجي مارچ
35 views
|
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
پورهيتن عبدالله ڳوٺ کان رزاق آباد عوامي پريس ڪلب تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي شاهراهه لڳ نجي ڪمپني قاسم ڊينم جي انتظاميا ۽ ٺيڪيدار راجا تنيو پاران پورهيتن کي ليبر لا تحت پگهارون ۽ بنيادي سهولتون نه ڏيڻ خلاف پورهيتن طرفان عبدالله ڳوٺ کان رزاق آباد عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ويو.احتجاج ۾ پورهيتن عادل مشتاق آرائين، اصغر کوسو، ماما عرفان بليدي، صابر بليدي، سمير بليدي، صمد لاشاري، عرفان سولنگي ۽ جمن لاشاري جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ مزدورن شرڪت ڪئي. پورهيتن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي ليبر حقن بابت نعرا لکيل هئا.مظاهري دوران شرڪت ڪندڙ مزدورن سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته پورهيت دشمن ٺيڪيدار راجا تنيو خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس فيڪٽري مان هٽايو وڃي.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل گهٽ ۾ گهٽ 40 هزار رپين جي پگهار توڙي پورهيتن لاءِ رهائشي، علاج ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، جنهن سبب پورهيتن جي زندگين ۾ سخت معاشي تنگي پيدا ٿي وئي آهي.پورهيتن چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ وڏين شاهراهن تي ڌرڻا پڻ هنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
تازہ ترین
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی 18ویں برسی کے سلسلے میں پاکستان پیپلز پارٹی تحصیل باقرانی کی ایگزیکٹو کمیٹی کا اجلاس
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ذوهيب خان پنهور پاران وڏيري ذوالفقار پنهور سان تعزيت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير: قاسم ڊينم
پورهيتن عبدالله ڳوٺ کان
0 تبصرے