English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان گڏجي ٽوڙي بچاءُ بند ۽ ٻين حساس بندن جو دورو ڪيو آهي ۽ ان جي ڏينهن رات نگراني ڪئي پئي وڃي: مڪيش چاولا
views
|
31st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت ڊي سي آفيس ۾ هنگامي گڏجاڻي
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽيڪس جي صوبائي وزير جي گڏجاڻي.تفصيل موجب شڪارپور ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽيڪس جي صوبائي وزير جي گڏجاڻيشڪارپور ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽيڪس جي صوبائي وزير جي گڏجاڻي. گڏجاڻي ۾ فوڪل پرسن ۽ صوبائي وزير براءِ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪس مڪيش چاولا، وزيراعليٰ سنڌ جو صلاحڪار ۽ ٻيلي کاتي جو وزير مير بابل خان ڀيو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر علي پنھور، ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ، ريسڪيو 1122 انچارج ساجد علي ٻرڙو، ايڪسيئن ايريگيشن عزيز الرحمان، ايس ڊي او لعل محمد مھر، ايڪسئين واپڊا ھوش محمد سيٺار ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران مختلف بندن ۽ بچاءَ لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فوڪل پرسن مڪيش چاولا ۽ ٻين آفيسرن چيو ته اسان گڏجي ٽوڙي بچاءُ بند ۽ ٻين حساس بندن جو دورو ڪيو آهي. نيوي، آرمي، رينجرز ۽ ضلعي انتظاميا جا آفيسر ۽ ملازم ڏينهن رات نگراني ڪري رهيا آهن.پاڻي جي ممڪن ريلي کي گذارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڪچي جا ڪيترائي علائقا اڳواٽ خالي ڪرايا ويا آهن. ٻيڙيون ۽ لانچون پڻ طلب ڪيون ويون آهن ته جيئن هنگامي حالتن ۾ ماڻهن کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي آفيسرن سان رابطو برقرار آهي ۽ گڏيل طور تي علائقي ۾ پيٽرولنگ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا عوام کي به اپيل ڪئي ته هو پاڻ به احتياط ڪن ۽ هنگامي حالتن ۾ ضلعي انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪن. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر پنھور چيو ته اسان ھيلٿ ڊپارٽمينٽ طرفان ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاء ضلعي جي سموري عملي جون موڪلون بند ڪيون آھن ۽ ايمرجنسي جي بنياد تي اسان 6 ڪيمپن ۽ دوائن ـ عملي سميت بندوبست ڪيو آھي. ان موقعي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينيمل ڊاڪٽر ذوالفقار علي مھر چيو ته اسان ايمرجنسي ۾ ھن وقت 13 ڪيمپن جو دوائن سميت بندوبست ڪيو آهي ـ ان موقعي تي 1122 جي انچارج چيو ته اسان وٽ 10 گاڏيون ۽ 50 عملو ايمرجنسي جي بنياد موجود آهي ـ
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مڪيش چاولا
شڪارپور ۾ ٻوڏ
0 تبصرے