English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ويجهو دوستي خون ۾ رڱجي وئي، نوجوان ڪهاڙين جي وار سان قتل
144 views
|
02nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ ولهار ۾ 30ورهين ڪي گورڌن اوڏ کي سندس دوست ڦل اوڏ ڪهاڙِين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ ولهار ۾ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جتي مبينا طور ڦل اوڏ ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي ويجهي دوست 30 سالا گورڌن اوڏ کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي سٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ جو سماع ڇانئجي ويو، مقتول جي وارثن ۽ علائقي واسين گورڌن اوڏ جو لاش پريس ڪلب اڳيان رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو، روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج ڪندڙ قاتلن کي فوري گرفتار ڪرڻ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو، بعد ۾ ايس ايڇ او سٽي عمرڪوٽ عطا لغاري سان ڳالهين کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو، پوليس ذريعن موجب جوابدار ڦل اوڏ مقتول گورڌن کي دعوت تي گهرائي خون جو ڪاروبار ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ۽ مقتول ويجها دوست هئا، قتل جو اصل سبب اڃان تائين معلوم ناهي، پر مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏھن تہ سٽي پوليس ڳوٺ ولهار واسي جوابدار ڦل اوڏ کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ويجهو دوستي خون
ڦل اوڏ
0 تبصرے