English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جنگشاھي جي 133 ورھيه پراڻي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار
204 views
|
11th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
عمارت کي فوري طور خالي ڪرايو وڃي ۽ تعليمي سرگرمين کي ڪنھن محفوظ ۽ مناسب ھنڌ منتقل ڪيو وڃي: اسسٽنٽ انجنيئر ورڪس
ٺٽو(ڊ ر)ضلعي ٺٽي جي ڪوھستاني شھر جنگشاھي ۾ واقع تاريخي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جيڪو سن 1892ع ۾ قائم ڪيو ويو ھو جيڪو سخت زبون حالي جو شڪار ٿي چڪو آھي. 133 ورھين پراڻي ھن تعليمي اداري جي عمارت عدم مرمت ۽ لاپرواھي سبب شاگردن ۽ استادن جي لاءِ حياتيءَ جو خطرو بڻجي وئي آھي ۽ ڪنھن وڏي حادثي جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي. مقامي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، والدين ۽ رھواسين ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ اسڪول جي ڇتين ۽ ڀتين جا چاپڙ ۽ ملبو ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي جنهن سبب معصوم شاگرد خوف ۽ ھراس ۾ مبتلا ٿي پڙھڻ تي مجبور آھن ۽ تعليمي عمل سخت متاثر ٿي رھيو آھي. ھنن واضح ڪيو تہ جيڪڏھن بروقت مرمت ۽ بحالي جو ڪم نہ ڪيو ويو تہ ڪنھن وڏي حادثي جو خطرو موجود آھي جيڪو قيمتي جاني نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿو. علائقي واسين ۽ والدين وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ، تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ ضلعي ٺٽي جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو آهي تہ فوري نوٽيس ورتو وڃي ڇاڪاڻ تہ اسڪول جي عمارت جي فوري مرمت ۽ بحالي کانسواءِ ٻارن کي محفوظ ۽ صحتمند تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ ممڪن ناھي. ٻئي طرف اسسٽنٽ انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سب ڊويزن ٺٽو اسڪول جو تفصيلي جائزو وٺي پنھنجي رپورٽ اعليٰ اختيارين کي موڪلي ڇڏي آھي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي تہ جي بي پي ايس جنگشاھي جا بلاڪ “اي” ۽ بلاڪ “بي” سخت زبون حال ۽ خطري واري حالت ۾ آھن. اسسٽنٽ انجنيئر پنھنجي رپورٽ ۾ ھيڊ ماسٽر کي ھدايت ڪئي آھي تہ عمارت کي فوري طور خالي ڪرايو وڃي ۽ تعليمي سرگرمين کي ڪنھن محفوظ ۽ مناسب ھنڌ منتقل ڪيو وڃي تہ جيئن شاگردن ۽ استادن کي ڪنھن جاني نقصان کان بچائي سگھجي. ان کان علاوه اسسٽنٽ انجنيئر ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس ڊويزن ٺٽو ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ضلعو ٺٽو کي پن ھنگامي قدمن لاءِ مطلع ڪري ڇڏيو آھي تہ جيئن مرمت ۽ بحالي جو عمل جلدي ممڪن بڻائي شاگردن کي محفوظ تعليمي ماحول مهيا ڪري سگھجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جنگشاھي
اسسٽنٽ انجنيئر
0 تبصرے