English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ وهرو واسي ڪنڀار برادري جو زمين تي مبينه قبضي خلاف احتجاج
290 views
|
10th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪولهي برادري جا الزام رد، 19 ايڪڙ زمين اسان جي ذاتي ملڪيت آهي: حاجي موسيٰ ڪنڀر
عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ جي ڳوٺ وهرو ۾ زمين تي مبينه قبضي واري معاملي تي ڪنڀار برادري جي اڳواڻن حاجي موسي ڪنڀر، حاجي لقمان ڪنڀر ۽ حاجي سجاد ڪنڀر پاران وهرو شريف ۾ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ هنن ڪولهي برادري طرفان لڳايل الزامن کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته هي 19 ايڪڙ زمين اسان جي ذاتي ملڪيت آهي، جنهن جا سمورا قانوني دستاويز اسان وٽ موجود آهن، پر سياسي اثر هيٺ اسان خلاف ڪوڙو پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي، پريس ڪانفرنس ۾ حاجي موسي ڪنڀار چيو ته اسان جي زمين تي سرڪاري اسڪول، هڪ گهر ۽ مينھن جا واڙا قائم آهن، ھن چيو ته مان عمرو ڪرڻ ويو هئس ته پٺيان هٿياربند ماڻهون زبردستي قبضو ڪرڻ آيا، ان وقت به اسان کي انصاف تہ نه مليو پر اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪو ڪورٽ سڳوري ۾ ھلندڙ آھي، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته وهرو ۽ عمرڪوٽ جا ماڻهون ڄاڻن ٿا ته اسين پڙهيل لکيل ۽ سرڪاري نوڪرين وارا ماڻهون آهيون، قبضو ڪرڻ يا ڪنهن سان زيادتي ڪرڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهون، اسان تي بي بنياد الزامن ذريعي بدنامي جي مهم هلائي پئي وڃي، ڪنڀار برادري جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اعلي اختيارين هن معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف مهيا ڪن، پريس ڪانفرنس ۾ هنن وڌيڪَ چيو ته اسان ڪولهي برادري سان ڪنهن دشمني ۾ ناهيون، پر کين غلط رستو ڏيکاريو پيو وڃي، اسان چئون ٿا ته ڪولهي برادري سان به انصاف ٿيڻ گهرجي، پر اسان جي زمين تي زبردستي قبضو نه ڪيو وڃي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪولهي برادري جي اڳواڻ چيتن گوئل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪنڀار برادري تي زمين تي قبضي جا الزام هنيا هئا، جن کي ڪنڀار برادري مڪمل طور ڪوڙو ۽ من گهڙت قرار ڏنو آهي، علائقي ۾ ٻنهي برادرين جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب مقامي سماجي حلقن ۾ ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي، جڏهن تہ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميه کي معاملي ۾ غيرجانبدار انڪوائري ڪرائي حقائق عوام آڏو آڻڻ گهرجن ته جيئن وهرو ۾ امن ۽ ڀائيچارو بحال رهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے