English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪيلگري ۾ سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جو شاندار جشن ملهايو ويو
115 views
|
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
البرٽا ۾ سنڌي ثقافتي گڏجاڻي جي سڀ کان وڏي تقريب طور تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿي
ڪيلگري (م ڊ) ڪيلگري ۾ هن هفتي سنڌي ڪلچر ڊي وڏي شان ۽ شوق سان ملهايو ويو، جنهن ۾ ڪيلگري، ايڊمنٽن، لئٿبرج، مئڊيسن هيٽ ۽ ريڊ ڊئير مان رڪارڊ انگ ۾ دوستن ۽ ڪميونٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. هي تقريب البرٽا ۾ سنڌي ثقافتي گڏجاڻي جي سڀ کان وڏي تقريب طور تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿي، جيڪا ڪميونٽي جي اتحاد، ورثي ۽ سڃاڻپ کي خوبصورت انداز ۾ اجاگر ڪري ٿي.هن سال تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪئناڊا حڪومت جي ٽنهي سطحن مان نمائندن تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ شامل هئا: وفاقي ايم پي جسراج هالن، وفاقي ايم پي دلوندر گل، وفاقي ايم پي امنپريت گل؛ صوبائي ايم ايل اي عرفان صابر، صوبائي ايم ايل اي گرندر برار، صوبائي ايم ايل اي پرميت سنگھ؛ ۽ سٽي ڪائونسلر راج ڌاليوال. تقريب ۾ سابق ايڊيشنل چيف سيڪريٽري حڪومت سنڌ پاڪستان، جناب قاضي شاهد پرويز خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي۰ سڀني معزز مهمانن کي روایتي سنڌي اجرڪ پيش ڪئي وئي، جيڪا احترام ۽ ثقافتي محبت جي علامت آهي.شازيه ميڪس ميمڻ کي سنڌي ڪميونٽي جي طويل خدمتن جي اعتراف ۾ خاص اعزاز سان نوازيو ويو. ان سان گڏ سينيئر ڪميونٽي اڳواڻن مشهود قاضي، ميڪس ميمڻ، سراج عباسي، ۽ ڊاڪٽر انور عادل کي پڻ سندن خدمتن تي خراج تحسین پيش ڪيو ويو.سنڌ جي مشھور ڳائڻي انینا فدا ھن پروگرام ۾ پرفارم ڪرڻ لا۽ خصوصي طور ڪئلگري ۾ موجود ھئي جنهن پنهنجي لڳاتار راڳ سان تقريب کي چار چنڊ لڳائي سڄي ماحول کي رقص ۽ خوشي سان ڀري ڇڏيو. شرڪت ڪندڙن انينا فدا جي دلفريب ۽ جذباتي ميوزڪ پرفارمنس مان مڪمل لطف ورتو۰هي شاندار تقريب عمران شيخ، فراز ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عدنان عادل مٺواڻي جي بهترين تنظيم هيٺ منعقد ٿي، جڏهن ته نوجوان رضاڪارن جي محنت ۽ جذبن تقريب کي وڌيڪ ڪامياب بڻايو.هن تقريب کي منعقد ڪرڻ لا۽ حيات هومز، سيون سيز ڪنسٽرڪشن ۽ بٽ ڪڙاهي جي خصوصي ڪاوشن تي کین مڃتا ڏني ويئي.سنڌي ڪلچر ڊي 2025 البرٽا ۾ سنڌي ڊائسپورا جي جاندار ثقافتي سڃاڻپ، اتحاد ۽ ورثي سان محبت جو هڪ روشن مثال بڻجي سامهون آيو, هڪ اهڙو جشن جيڪو ايندڙ سالن لاءِ هڪ نئون معيار قائم ڪري ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪيلگري
ڪيلگري ۾ سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي
0 تبصرے