English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جنگشاهي ويجهو باهه لڳڻ سبب 18 پورهيتن جا ڪکاوان گهر سڙي رک
205 views
|
19th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
متاثرن ۾ عبدالڪريم عرف پليجو، عزير پليجو، شفيع پليجو،گل محمد، محمد شريف، اشرف ۽ ٻيا شامل
ٺٽو(شفيق ڀٽي) جنگشاھي لڳ ڳوٺ حاجي گل محمد پليجو ۾ باهه لڳڻ ڪري 18 ڪچا گهر سڙي خاڪ، لکين رپين جو نقصان. تفصيل موجب جنگشاھي، ديھ ھاليجي جي حدن ۾ واقع ڳوٺ حاجي گل محمد پليجو ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 18 ڪچا گهر مڪمل طور سڙي خاڪ ٿي ويا، گهر ڀاتي معجزاڻي طور محفوظ، نتيجي ۾ لکين رپين جو مالي نقصان ٿي ويو. باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل هنڌ، بسترا، کٽون، ڪپڙا، ٿانوَ ۽ ٻين روزمره استعمال جي شين سميت قيمتي سامان سڙي ختم ٿي ويو. متاثر ڪٽنب هن وقت کليل آسمان هيٺ سخت پريشان ۽ بي يارو مددگار ويٺل. باهه متاثر ٿيل ڳوٺاڻان جن ۾ عبدالڪريم عرف پليجو، عزير پليجو، شفيع پليجو،گل محمد، محمد شريف، اشرف ۽ ٻيا شامل آھن جن جا گهر مڪمل طور سڙي خاڪ ٿي ويا.متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان غريبن جي سڄي حياتي جون جمع پونجيون باھ لڳڻ ڪري سڙي خاڪ ٿي ويو آهن. باھ متاثر ڳوٺاڻن حڪومت سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آھي ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي جيئن اسان ٻيهر پنهنجا اجها ٺاهي سگهون ۽ اسان جا کليل آسمان هيٺ ويٺل ٻچا سرديءَ توڙي گرميءَ کان محفوظ رهي سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جنگشاهي ويجهو باهه لڳڻ سبب
ڳوٺ حاجي گل محمد پليجو
0 تبصرے