English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ هزارين ماڻهن جو ڌرڻو، 10 هزار ايڪڙن جي سمري منظور ٿيڻ تي چونڊيل نمائندن جي گهيراءُ جو چتاءُ
119 views
|
29th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي ملير جي هزارين ايڪڙ زمين هٿ ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي علائقي لنڪ روڊ تي ضياءُالدين يونيورسٽي جي دروازي اڳيان ايجوڪيشن سٽي، سنڌ حڪومت، روينيو کاتي ۽ ملير ضلعي جي چونڊيل نمائندن خلاف وڏو عوامي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، جنهن ۾ هزارين ڳوٺاڻن ، سماجي تنظيمن، وڪيلن، شاگردن، مزدورن يونين ۽ متاثر مقامي رهواسي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ئ هو زمين اسان جي، اختيار اسان جو ايجوڪيشن سٽي نه، لوٽ مار سٽي نامنظور” ۽ “مقامي آباديءَ جو معاشي قتل بند ڪيو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا آهن احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن وٽ پيپلز پارٽي جا جهنڊا هئا، جڏهن ته بينرن تي سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ بااثر بلڊر مافيا خلاف سخت نعرا لکيل هئا احتجاجي اجتماع کي سليم سالار، عبدالرزاق، نور حسن جوکيو، سليم جوکيو، فريد بلوچ، اڪرم بلوچ، ارشد جوکيو، حڪيم سالار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي ملير جي هزارين ايڪڙ زمين هٿ ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي اڳواڻن ٻڌايو ته ديهه چوهڙ، ديهه ڪوٽيرڙو، ديهه آبدار، ديهه اميلاڻو، ديهه ڍانڍو ۽ ديهه جوريجي سميت لڳ ڀڳ 20 هزار ايڪڙ زرعي ۽ آبادي واري زمين کي ڪمرشل منصوبن ۽ بلڊرن حوالي ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي۔ انهن علائقن ۾ صديون پراڻا گوٺ، قبرستان، ٻنيون ۽ قانوني طور سروي ٿيل زمينون آهن مقررِين چيو ته اهو منصوبو مقامي ماڻهن جي وجود ۽ سندن معيشت تي حملو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو۔ مختلف ديهه جي نمائندن چيو ته هي زمينون اسان جي ابن ڏاڏن جي امانت آهن، اسان انهن کي ڪنهن بلڊر يا ڪمرشل منصوبي حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين اڳواڻن الزام لڳايو ته حڪومت 124 ارب رپين جي زمين صرف 8 ارب رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جيڪو سنڌ جي عوام سان کليل ناانصافي آهي احتجاج ۾ اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن سنڌ ڪابينا جمعي ڏينهن سمري منظور ڪئي ته ملير مان چونڊيل نمائندن جو گهيرو ڪيو ويندو۔ شرڪت ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايجوڪيشن سٽي منصوبي ۾ مقامي آباديءَ کي شامل ڪيو وڃي ۽ متاثر ماڻهن جي زمينن جو قانوني تحفظ يقيني بڻايو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ملير ۾ هزارين ماڻهن جو ڌرڻو
سنڌ حڪومت ايجوڪيشن سٽي
0 تبصرے