ملير: سمنڊ ۾ مڇي مارڻ دوران ٻڏي ويل مهاڻي جو لاش هٿ

فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي عملدارن جي مدد سان اعجاز ملاح جو لاش هٿ ڪيو ويو

ملير: سمنڊ ۾ مڇي مارڻ دوران ٻڏي ويل مهاڻي جو لاش هٿ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شھيد بينظير آباد سان تعلق رکندڙ 55 سالن جو شخص اعجاز علي ولد حمزو ملاح سمنڊ م ماهيگيري دوران ٻڏي فوت ٿي ويو۔ حادثي کان پوءِ اطلاع ملندي ئي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جو عملو، انچارج عرفان پنهنجي ٽيم سميت واقعي واري هنڌ تي پهتو ۽ ڳولا بعد فوتي جو لاش هٿ ڪيو۔لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي ضابطا پورا ٿيڻ بعد کيس ايمبولينس ذريعي سندس آبائي علائقي شھيد بينظير آباد روانو ڪيو ويو۔فوتي جي ڀاءُ نور علي ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ اڪثر بيمار رهندو هو، جنهن سبب هي افسوسناڪ حادثو پيش آيو۔ان موقعي تي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد ۽ ٻين عملدارن فوتي جي وارثن سان گهري همدردي جو اظهار ڪندي مرحوم لاءِ دعائون گهريون ۽ متاثر خاندان کي هر ممڪن مدد جي خاطريب ڪرائي۔