ڪورنگي ڪريڪ ڀرسان ڪڏيرو ٻيٽ تي وڻڪاري، 2 هزار تمر جا ٻوٽا لڳايا ويا

سامونڊي ڪنارن تي مينگرووز جو وڌڻ سمنڊ کي روڪيندو ۽ آبهوا ۾ سڌارو آڻيندو: نذير احمد ڀٽو

ڪورنگي ڪريڪ ڀرسان ڪڏيرو ٻيٽ تي وڻڪاري، 2 هزار تمر جا ٻوٽا لڳايا ويا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ۾ ماحولياتي تبديلي ۽ سامونڊي ڪنارن جي تحفظ لاءِ اهم قدم طور ڪورنگي ڪريڪ ويجهو ڪڏيرو ٻيٽ تي وڏي شجرڪاري مهم هلائي وئي، جنهن دوران ٻه هزار تمر (مينگرووز) جا ٻوٽا لڳايا ويا۔ مهم ۾ ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نذير احمد ڀٽو، ڪراچي يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف ماس ڪميونيڪيشن جي سوين شاگردن، استادن، ۽ سماجي تنظيم "ماهيگير سماجي سنگت" جي چيئرمين يونس خاصخيلي سميت علائقي جي ماڻهن وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو۔شجرڪاري تقريب دوران شرڪت ڪندڙن پنهنجي هٿن سان تمر جا ٻوٽا لڳايا ۽ ماحولياتي سجاڳي بابت پيغام ڏنا۔ ان موقعي تي چيئرمين نذير احمد ڀٽو چيو ته سامونڊي ڪنارن تي مينگرووز جو وڌڻ نه رڳو سمنڊ جي ڪٽاو کي روڪيندو پر آبهوا ۾ سڌارو آڻڻ ۽ آڪسيجن جي فراهمي ۾ به مددگار ثابت ٿيندو۔ هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽي تي مينگرووز ٻيهر پوکڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي۔يونس خاصخيلي چيو ته تمر جا ٻوٽا سامونڊي حياتيات جي حفاظت لاءِ ضروري آهن، ڇو⁠ته اهي مڇين، جھينگن ۽ ٻين جيوت لاءِ قدرتي آشرم جو ڪم ڏين ٿا۔ هن وڌيڪ چيو ته “ماهيگير سماجي سنگت” پنهنجي وسيلي سان اهڙيون مهمون جاري رکندي ته جيئن ماحولياتي توازن بحال رهي ۽ سامونڊي علائقا وڌيڪ سرسبز بڻجن ڪراچي يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن پڻ ماحولياتي بهتري ۽ انساني ذميوارين تي ڳالهائيندي چيو ته نوجوان نسل کي شجرڪاري ۾ اڳڀرو ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو عمل نه رڳو ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ضروري آهي پر مستقبل جي نسلن لاءِ به تحفو آهي۔شجرڪاري مهم جي پڄاڻيءَ تي گڏيل دعا گهري وئي