عمرڪوٽ ۾ تازو ڄاول ٻارڙو دل سيني کان ٻاهر هجڻ ڪري ٽن ڪلاڪن بعد فوت

نجي اسپتال ۾ ٻارڙو ڄائو جنهن جي دل سيني اندر نه پر ٻاهر هئي، هي اسپيشل ڪيس هو: ڊاڪٽر

عمرڪوٽ ۾ تازو ڄاول ٻارڙو دل سيني کان ٻاهر هجڻ ڪري ٽن ڪلاڪن بعد فوت

عمرڪوٽ (رپورٽ ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي هڪ نجي اسپتال ۾ ناياب پيدائشي عارضي ڄاول ٻار ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو، ڄاول ٻار جو دل سيني کان ٻاهر ڌڙڪندي نظر آيو، ڊاڪٽرن موجب اها هڪ انتهائي ناياب بيماري آهي جنهن کي “Ectopia Cordis” چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ دل سيني جي اندر ٺهڻ بدران جسم جي ٻاهران هوندي آهي، ذريعن موجب پارس اسپتال عمرڪوٽ ۾ ٻار جي ڄمڻ وقت دل نارمل طور تي ڌڙڪندي رهي، پر جديد طبي سهولتن جي کوٽ سبب ٻار کي فوري طور ڪراچي موڪليو ويو، رستي ۾ ٻار جي حالت بگڙجي وئي ۽ هو ٽن ڪلاڪن بعد فوت ٿي ويو، ڊاڪٽر غلام نبي موجب ٻار کي وٽامن بي-9 (فولڪ ايسڊ) ۽ ٻين غذائي کوٽ سبب هي پيدائشي بيماري لڳي هئي، هن چيو ته حامله عورتن ۾ غذائيت جي کوٽ، حمل دوران مناسب طبي صلاح نه وٺڻ ۽ وٽامنز جي کوٽ اهڙن ڪيسن جو اهم سبب بڻجن ٿا،ماهرن طب موجب Ectopia Cordis هڪ ناياب جينياتي يا نشونما سان لاڳاپيل خرابي آهي جيڪا حمل جي ابتدائي مرحلن ۾ پيدا ٿئي ٿي، بدقسمتي سان طبي لحاظ سان ان جو علاج ممڪن ناهي ۽ اڪثر اهڙا ٻار گهڻي دير تائين زنده نٿا رهي سگهن، عين شاهدن ۽ علائقي واسين هن افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.