ڳاڙهو ۾ معصوم ٻارڙِي سان زيادتي جي الزام هيٺ آيل جوابدار گرفتار

4ورهين جي ٻارڙي کي حوس جو نشانو بڻائيندڙ عقيل مڱڻهار کي گرفتار ڪري ورتو آهي: پوليس

ڳاڙهو ۾ معصوم ٻارڙِي سان زيادتي جي الزام هيٺ آيل جوابدار گرفتار

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽو پوليس جي ڪامياب ڪارروائي گاڙهو ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي، جنهن ۾ 4 ساله نياڻي سان مبينا زيادتي ٿي هئي، ان ۾ ملوث جوابدار عقيل ولد شڪيل مڱڻهار (عارفاني) کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي۔واقعي جي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني سخت نوٽيس وٺندي ذميوار آفيسرن کي فوري گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا۔ايس ڊي پي او گاڙهو ڊي ايس پي عبدالروٴف نوهڙيو ۽ ايس ايڇ او سائين ڏنو برڙو واقعي واري هنڌ پهچي ٻارڙي جي وارثن سان ملاقات ڪئي۔ والد ممتاز منگنھار موجب، جوابدار سندس ڌيءَ کي کيڏڻ لاءِ وٺي ويو ۽ زيادتي کان پوءِ فرار ٿي ويو۔پوليس پاران متاثر نياڻي کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ور منتقل ڪيو ويو ۽ والد جي فرياد تي گاڙهو ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي۔ پوليس جي بروقت ڪارروائي سان جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي۔