جنگشاھي ڪوھستان جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ صالح محمد برفت جو اسڪول سالن کان بند

سالن کان اسڪول بند هجڻ ڪري معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن: ڳوٺاڻا

جنگشاھي ڪوھستان جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ صالح محمد برفت جو اسڪول سالن کان بند

ٺٽو (ڊر)جنگشاھي ڪوھستان جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ صالح محمد برفت جو اسڪول سالن کان بند — معصوم ٻارڙن جو مستقبل خطري ۾، ايجوڪيشن عملدارن جي نااهليءَ تي ڳوٺاڻن جو احتجاج جنگشاهي ڀرسان ڪوھستاني علائقي ۾ واقع ڳوٺ صالح محمد برفت، جيڪو سوين گهرن تي مشتمل آهي، اتي موجود گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ساڏورو ڪيترن سالن کان بند پيل آهي، جنهن سبب سوين معصوم ٻارڙا تعليم جي نعمت کان محروم ٿي ويا آهن.ڳوٺ جي ساڃاهه وندن، بشير احمد برفت، اصغر برفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪندي "اسڪول هلايو، ٻار پڙهايو" جا نعرا هنيا.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي سالن کان چونڊيل نمائندن ۽ ايجوڪيشن کاتي جي اعلىٰ آفيسرن کي بار بار دانهن ڏيڻ باوجود به ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ٿي آهي.ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ نه پاڻيءَ جو انتظام آهي، نه صحت جون سهولتون، نه روڊ، نه روزگار — ۽ جتي نياڻين کي پڙهائڻ عيب سمجھيو وڃي ٿو، اتي به اهي پنهنجي ڌيئرن کي تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر افسوس جو انتظاميا سندن ڪوششن کي نظرانداز ڪري رهي آهي ۽ اسڪول کي تالا لڳايا ويا آهن.ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته ضلع ٺٽي ۾ تازو ڪيترائي نوان استاد ڀرتي ٿيا آهن، پر گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ساڏورو لاءِ اڃا تائين ڪو به استاد مقرر نه ڪيو ويو آهي.احتجاج ڪندڙن سيڪريٽري ايجوڪيشن، ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي بلڊنگ ٻيهر ٺهرائي وڃي، فوري طور تي استاد مقرر ڪيا وڃن ته جيئن مستقبل جي معمارن کي تعليم جي روشني فراهم ڪري سگهجي.