ڊي جي ڪاليجز سنڌ پروفيسر نويد رب پاران پڊعيدن ۾ گرلز ڊگري ڪاليج جو دورو

سان گڏ ڊائريڪٽر ڪاليجز شهيد بينظير آباد پروفيسر محمد سليمان سيال ۽ ٻيا به گڏ هئا

ڊي جي ڪاليجز سنڌ پروفيسر نويد رب پاران پڊعيدن ۾ گرلز ڊگري ڪاليج جو دورو

نوشهروفيروز(ڊر)ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز سنڌ پروفيسر نويد رب, ڊائريڪٽر ڪاليجز شهيد بينظير آباد پروفيسر محمد سليمان سيال, ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر لقمان ميراڻي ۽ پروفيسر قمرالدين ڪيريو, ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز شهيد بينظيرآباد سان گڏ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پڊعيدن جو تفصيلي دورو ڪيو, هن ڪلاسن ۾ وڃي تدريسي عمل جو جائزو ورتو ۽ تدريسي عمل توڙي نياڻين جي حاضري تي اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ پرنسپال پروفيسر بخش علي چانڊيو جي محنتن ۽ ڪاوشن کي ساراهيو, دوري دوران نياڻين ملندڙ سهولتن جو ذڪر ڪيو ۽ پنهنجي ڪاليج بلڊنگ متعلق شڪايت ڪئي ته اسان کي جلد ڪاليج ٺهرائي ڏنو وڃي. بعد ۾ ڊائريڪٽر جنرل, ڊائريڪٽر, پرنسپال پروفيسر بخش علي چانڊيو, راشد حسين لاشاري ايگزيڪٽو انجنيئر اسڪول ورڪس ۽ احمد خان ابڙو ايگزيڪٽو انجنيئر ڪاليج ورڪس سان گڏجي ڪاليج جي ناقص ۽ اڌوري بلڊنگ جو جائزو ورتو هن ڪاليج جو هر ڪمرو, ڀتيون ۽ ڇت جاچي ڏٺا ۽ ناقص ۽ اڻپوري ڪم تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻنهين انجنيئرس کي هدايت ڪئي ته ڊائريڪٽر ڪاليجز شهيد بينظيرآباد ۽ پرنسپال سان گڏجي مسئلي جو پائدار حل ڪڍي بلڊنگ کي استعمال لائق بنايو وڃي, جڏھن ته ڊائريڪٽر صاحب واڌو فرنيچر فراهم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. اهو به طئه ڪيو ويو ته انجنيئر صاحبان پرنسپال پروفيسر بخش علي چانڊيو سان رابطي ۾ رهندا ۽ پاڻيء جي فراهمي, نيڪال ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ھر ممڪن سهڪار ڪندا.