English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، ٻن عورتن سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
189 views
|
07th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(ڊر) ٺٽو پوليس جون ڪامياب ۽ دبنگ ڪارروائيون روزانو جاري، ضلع ٺٽو جي سماجي، مذهبي ۽ سياسي جماعتن توڙي شهرين طرفان پوليس کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. هيروئن ۽ گٽڪو مٽيريل سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام 2 عورت منشيات فروش ۽ 1 گٽڪو مٽيريل سپلائر سميت 3 جوابدار گرفتار، 500 گرام هيروئن، 300 ڪلو گٽڪو مٽيريل، 400 پُڙيون گٽڪو ماوا ۽ 2 موبائل فون برآمد، ڪيس داخل.ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي عمل ڪندي،ايس ايڇ او ٿاڻو گھارو انسپيڪٽر محمد علي دامرا پنهنجي عملي سان گڏ خفيه اطلاع ملڻ بعد نيشنل هاءِ وي روڊ فلٽر بس اسٽاپ ۽ آري ڪيمپ اسٽاپ وٽ ڪامياب ڪارروائيون ڪري 2 عورت منشيات فروش جوابدار مسمات ماريا عرف رابعہ زوجه معشوق ۽ مسمات راحيلا عرف ريحانه زوجه سڪندر، رهواسي گھارو شهر، کي 500 گرام هيروئن ۽ 2 موبائل فون سميت گرفتار ڪيو.گرفتار جوابدار مسمات ماريا عرف رابعہ چانڊيو اڳ ئي ٿاڻو گھارو ۾ منشيات جي ڪيس ۾ روپوش هئي.ٻئي پاسي ايس ايڇ او ٿاڻو جھرڪ انسپيڪٽر گل حسن ڪچهيار پنهنجي عملي سان گڏ گشت دوران نوري آباد کان جھمپير روڊ بسم الله چوڪ وٽ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڊمپر نمبر TAT-194 ذريعي گٽڪو مٽيريل سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي، هڪ جوابدار محمد اويس ولد اورنگزيب تنولي کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس ڊمپر کي قبضي ۾ وٺي 300 ڪلو گٽڪو مٽيريل ۽ 400 پُڙيون گٽڪو ماوا برآمد ڪري ورتو.گرفتار جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي نارڪوٽڪس ايڪٽ ۽ گٽڪو ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ٺٽو پوليس جي روزاني ڪامياب ۽ دبنگ ڪارروائين تي ضلع ٺٽو جي سماجي، مذهبي ۽ سياسي جماعتن توڙي شهرين، ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي، انسپيڪٽر محمد علي دامرا، انسپيڪٽر گل حسن ڪچهيار ۽ پوري پوليس پارٽي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي
0 تبصرے