ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، 9 منشيات فروش گرفتار

احسان، جاويد خاصخيلي، دلداد گندرو، شريف واريو، جليل چانگ ۽ ٻيا گرفتار

ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، 9 منشيات فروش گرفتار

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، 6 گٽڪا وڪڻندڙ ۽ 3 منشيات وڪڻندڙ سميت 9 جوابدار گرفتار، 725 پُڙيون گٽڪا ماوا ۽ 85 ٿيلها ديشي شراب برآمد، ڪيس داخل، ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي، ٿاڻن گھارو، جھڙڪ، ٺٽو، مڪلي، ساڪرو ۽ گھوڙاباڙي پوليس مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروائيون ڪندي 6 گٽڪا وڪڻندڙ جوابدار احسان ولد اگاريو ببر، جاويد ولد رمضان خاصخيلي، دلداد ولد رحيم بخش گندرو، شريف ولد اسماعيل واريو، جليل ولد علي نواز چانگ، شريف ولد حاجي دائود مورجھريو ۽ 3 منشيات وڪڻندڙ جوابدار زمان ولد يوسف بٽ، اطهار ولد گلزار ملاح، حبيب الله ولد سومار خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدارن وٽان 725 پُڙيون گٽڪا ماوا ۽ 85 ٿيلها ديشي شراب برآمد ڪري، جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي منشيات آرڊيننس ۽ گٽڪا ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن