سنڌ ۾ جڏهن به ڪنهن نوجوان جو رت بنا انصاف جي وهندو آهي، تڏهن اهو رڳو هڪ گهر جو چراغ نٿو وسامي، پر پوري سماج جي ضمير تي سوال اڀري اچي ٿو. دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ نوجوان ۽ علائقي جو سڃاتل زميندار نادر خان جمالي به اهڙي ئي المناڪ انجام جو شڪار ٿيو، جنهن کي پوليس هڪ نام نهاد مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
نادر خان جمالي جي قتل بعد ڪيترائي سوال هوا ۾ لٽڪيل آهن. ڇا هو واقعي ڏوهاري هو؟ جيڪڏهن هو ڏوهاري هو ته کيس عدالت آڏو پيش ڇو نه ڪيو ويو؟ قانون جيڪو هر ماڻهو کي جاچ ۽ فيصلي جو حق ڏئي ٿو، اهو حق ڪنهن کسي ورتو؟ ڇا پوليس کي جج ۽ جلاد بڻجڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي؟
هي پهريون ڀيرو ناهي جو سنڌ ۾ ”جعلي مقابلي“ جو لفظ ٻڌو پيو وڃي. هي لفظ هاڻي هڪ معمولي خبر بڻجي چڪو آهي، جيڪا شايد ڪجهه ڏينهن بعد وسري وڃي، پر جنهن ماءُ جو پٽ وڃائجي ٿو، جنهن خاندان جو سهارو ٽٽي ٿو، انهن لاءِ هي زخم ڪڏهن به نه ڀرجندو.
نادر خان جمالي هڪ نوجوان، بااثر خاندان سان تعلق رکندڙ، پر ان کان وڌيڪ هڪ انسان هو، جنهن کي جيئڻ جو حق حاصل هو. آئين پاڪستان هر شهري کي زندگي ۽ انصاف جو حق ڏئي ٿو، پوءِ اهو حق نادر خان کان ڇو کسيو ويو؟
افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته جڏهن به اهڙو واقعو پيش اچي ٿو ته ڪجهه روايتي بيان، ڪجهه رسمي جاچون، ۽ پوءِ ماٺ. نه ذميوار سامهون اچن ٿا، نه انصاف نظر اچي ٿو. اهڙي روش رياست ۽ عوام جي وچ ۾ بي اعتمادي کي وڌائي ٿي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته خاموشي ٽوڙي وڃي. نادر خان جمالي جو رت سوال ڪري رهيو آهي، ۽ ان سوال جو جواب صرف آزاد ۽ شفاف عدالتي جاچ آهي. جيڪڏهن پوليس اهلڪار بيگناهه آهن ته جاچ ۾ اهو ثابت ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ڏوهاري آهن ته کين سزا ملڻ گهرجي.
اسان اعليٰ عدليه، سنڌ حڪومت ۽ انساني حقن جي ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته نادر خان جمالي جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي جعلي مقابلي جي ثقافت کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن
* قانون کي هٿ ۾ وٺندڙن کي قانون جو مزو چکايو وڃي
ڇو ته جيڪڏهن قانون محافظ ئي قانون ٽوڙيندا رهيا ته پوءِ عام ماڻهو ڪهڙي در تي انصاف لاءِ وڃي؟ ان لاءِ جي قانون جي بالادستي چاهيو ٿا ته ايس ايس پي دادو کان وٺي هن ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪري جيل حوالي ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ عدالتي جاچ ڪرائي وڃي جئين قاتل ڪيس تي اثر انداز نه ٿين
نادر خان جمالي جو قتل صرف هڪ خبر نه، پر هڪ سوال آهي
۽ اهو سوال تڏهن تائين زنده رهندو،
جڏهن تائين انصاف نه ملندو.
0 تبصرے