عمرڪوٽ جي سيڪنڊري اسڪول ۾ "پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ" جي عنوان سان تقريب

عمرڪوٽ جي سيڪنڊري اسڪول ۾

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان فائونڊيشن اسسٽيڊ نيو جرني سينڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ ۾ "پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ" جي عنوان سان تقريب ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ سيف اسڪول جي سينئر استاد موهن لال مالهي، اميت لکاني، پرنسپال ميڊم پايل ، استادن وڪرم ڪاگا ، اجي ڪلال، سروڻ ڪمار، محب ڪنڀار ، علي حسن خاصخيلي، اويناش ميگھواڙ ، يار محمد مهر، هيرا لال اوڏ سميت استادن، شاگردن شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌ جي لوڪ داستان عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ ٻين تاريخ جي سونهري داستانن تي ٽيبلوز پيش ڪيا، سنڌ جي ڪلامن ۽ سنگيت تي رقص ۽ جهمريون ڏنيون تعليم ۽ تربيت، اخلاق ادب تهذيب تاريخ جهڙن عنوانن تي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون ڪيون ويون تقريب جي موقعي تي استادن تقريرون ڪندي چيو ته تعليم هڪ اهڙو هٿيار آهي جيڪو جهالت جون پاڙون پٽي ٿو محبت امن ۽ ڀائيچاري جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ثقافت هنر ۽ فنن جو وڏي تاريخ رهي آهي، سنڌ جي لباس سونهن ۽ خوبصورتي پاڻ مٽ آهي، اجرڪ ٽوپي حيا جون نشانيون آهن سنڌ جي تهذيب محبت ڀائيچاري سيکاري ٿي، سنڌ جي تهذيب ۾ ڪو به تضاد اختلاف، متڀيد ناهي سنڌ جي تهذيب مذهبن جو احترام ڪرڻ سان گڏ محترم ماڻهن جي عزت ڪرڻ جو درس ڏي ٿي سنڌ هزارين سال پراڻي تهذيب هوندي به اهڙي تاريخ جوڙي رکي جو ان تاريخ تهذيب جو مٽ دنيا ۾ ناهي ھنن چيو ته اسان کي گهرجي ته تعليم کي عام ڪريون اخلاق ۽ ڪردار کي بهتر بڻايون ھنن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو سنڌ جي تعليم کي وڌيڪ ترقي طرف وٺي آيو آهي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تنظيم صوبي سنڌ ۾ تعليم جي سهولتن لاءِ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري پئي جڏھن ته رٿيل تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي سنڌ سان يڪجهتي ۽ محبت، ثقافتي تصور ڏئي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جڏھن ته تقريب دوران بھتر ڪارڪردگي ادا ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا