English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪيو آھي: اياز لطيف پليجو
222 views
|
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪيو آھي. جمھوريت جو نعرو صرف ڏيکاء لاءِ ھنيو آھي، عملي طور عوام دشمن، پورھيت دشمن، اظھار جي آزادي خلاف، عورتن، اقليتن ۽ انساني حقن جي خلاف ڪم ڪيو آھي. جيڪي سردار، وڏيرا، جاگيردار عوام کي نپوڙين، ۽ استحصال ڪن ٿا، انھن کي طاقتور بنايو آھي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ جرڳائي ماڻھن جو راڄ آھي. پوليس ۽ انتظاميه ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي دنيا مان غير قانوني ماڻھو نڪري سنڌ پھچن ٿا تہ پ پ ووٽ جي لالچ ۾ انھن کي شناختي ڪارڊ ۽ تحفظ ڏئي ٿي. سڄي دنيا ۾ غير قانوني پرڏيهين کي برداشت نه ڪيو ويندو آھي پر پاڪستان ۾ سنڌ عالمي يتيم خانو بنايو ويو آھي. افغاني، بنگالي، بھاري، برمي ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي روزگار ۽ وسيلن تي قابض آھن، انھن شناختي ڪارڊ ٺھرائي ڇڏيا آھن، انھن کي تڙي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪلڻ بدران ڪرپشن تحت تحفظ ڏنو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. جيڪو فصل پوکيو وڃي ٿو، ان جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. ڪارخانيدارن جون شيون مهانگيون ڪيون وڃن ٿيو ۽ آبادگارن جا فصل ٽڪي برابر ڪيا وڃن ٿا. اھا معاشي ناانصافي آھي. ھوڏانھن ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، مرڪزي ترجمان اشرف پليجو ، شوڪت تنيو،پنھل سولنگي، ايڊووڪيٽ مير کوسو جي اڳواڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران 20،21 سيٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ قومي مشاورتي ڪانفرنس شريڪ ٿيڻ لاءِ اسلام آباد روانو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي
0 تبصرے