English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ايس پي ٺٽو جي ٽرانسپورٽرن ۽ واپاري برادري سان اهم ملاقات
308 views
|
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، ايس ايس پي پاران مسئلا جلد حل ڪرائڻ جي خاطري
ٺٽو(شفيق ڀٽي)ايس ايس پي ٺٽو جي ٽرانسپورٽرن ۽ واپاري برادري سان اهم ملاقات، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ ٽرانسپورٽرن ۽ واپاري برادري جي وفد سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين پنهنجا مسئلا پيش ڪيا، جن تي ايس ايس پي ٺٽو مسئلن جي جلد ۽ اثرائتي حل جي خاطري ڪرائي.ايس ايس پي ٺٽو چيو ته هيوي ٽريفڪ کي مقرر ڪيل وقتن موجب شهرن مان روانگي جي اجازت ڏني ويندي، جڏهن ته ننڍين گاڏين کي اسڪول ٽائيم کان سواءِ شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، ته جيئن ٽريفڪ جي وهڪري کي بهتر بڻائي سگهجي.هن واپاري برادري کي هدايتون ڏيندي چيو ته پنهنجن چوڪيدارن کي سرگرم رکن ۽ پنهنجن واپاري مرڪزن جي اندر ۽ ٻاهر سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائن، جيڪي 24 ڪلاڪ بيڪ اپ سان فعال هجن.ايس ايس پي ٺٽو وڌيڪ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت پوليس جي اولين ذميواري آهي. ضلعي ڀر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پوليس کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ته جيئن ٽرانسپورٽر ۽ واپاري پرامن ماحول ۾ پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهن.هن ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن تي ضلعي ٺٽو ۾ جلد ئي اي ـ چالان سهولت سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي. هن عوام کان اپيل ڪئي ته ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي کان پاسو ڪن.ايس ايس پي ٺٽو چيو ته ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ شاهي بازار سميت ٺٽو ۽ مڪلي شهر ۾ اضافي پوليس نفري مقرر ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فوٽ پيٽرولنگ ۽ بائيڪ پيٽرولنگ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. سڀني ايس ايڇ اوز ۽ پوليس پوسٽن جي انچارجن کي ڏوهن خلاف سخت ڪارروائي جون واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.ايس ايس پي ٺٽو وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪا شڪايت هجي ته هو بنا جهجهڪ سڌو سنئون مون سان رابطو ڪري، منهنجي آفيس جا دروازا عوام لاءِ هميشه کليل آهن.ان موقعي تي ٽرانسپورٽرن ۽ واپاري برادري پاران اطمينان جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ٺٽو جو ٿورائتو پڻ ادا ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي ٺٽو جي
0 تبصرے