مورو ۾ نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او امتياز علي کهاوڙ پاران شهر جو دورو

مورو ۾ نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او امتياز علي کهاوڙ پاران شهر جو دورو

مورو (جاني جماڻي) مورو ٿاڻي تي مقرر ٿيندڙ نئي ايس ايڇ او انسپيڪٽر امتياز علي کھاوڙ پاران مورو شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي پوليس نفري سان گڏ شهر جي مختلف ھنڌن تي گشت ڪيو گشت دوران مين روڊ، شاھي بازار، ريشم بازار، سبزي مارڪيٽ سميت ۽ ٻين مصروف هنڌن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي ايس ايڇ او امتياز علي کھاوڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان شهرين جا محافظ آهيون شهرين کي تحفظ ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آهي شهر ۾ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ گشت ڪيو ويو آهي جڏهن⁠ تہ ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو جي هدايتن تي موٽرسائيڪلن تي به پوليس گشت وڌايو ويو آهي جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ڪارروائي ڪري سگهجي ايس ايڇ او امتياز علي کھاوڙ جو چوڻ هو ته هو رات دير تائين پاڻ به گشت ڪندو رهي ٿو ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شهر ۾ امن امان کي بهتر بڻايو وڃي هن واضح چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڦورن، چورن، لٽيرن، منشيات فروشن ۽ سماجي براين ۾ ملوثن ڪابه کي رعايت نه ڏني ويندي پوليس جو هدف شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن رعايت جي ڪارروائي ڪرڻ آهي ۽ شھرين لا۽ منهنجا در ھر وقت ڪليل آهن انھن کي ڪابه شڪايت ھجي ته مون سان روبرو ملاقات ڪن سندن جا جائز ڪم ڪيا ويندا،