اهڙو نظام آندو آهي جو اڳتي ڪو معذور نه ٿيندو، سهولتون عوام کي عالمي معيار جو علاج فراهم ڪنديون
ڪراچي (رپورٽر) شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين وي-ٽيڪ بينڊڊ ويسڪيولر سوئيٽ جو افتتاح صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما جي بورڊ ميمبرن، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صابر ميمڻ، سينئر ڊاڪٽرن اآفيسرن ۽ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ جديد طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته وي-ٽيڪ ويسڪيولر سوئيٽ جهڙيون سهولتون اعليٰ درجي جي طبي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ خانگي علاج تي دارومدار گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون سهولتون عوام کي سندن گهر ڀرسان عالمي معيار جو علاج فراهم ڪنديون. ان موقعي تي شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صابر ميمڻ چيو ته وي-ٽيڪ بينڊڊ ويسڪيولر سوئيٽ ويسڪيولر سرجري جي شعبي ۾ هڪ انقلابي قدم آهي. خاص طور تي شوگر جي مريضن، پيرن جي بيمارين پيرن جي رڳن ۽ عضون ۾ ٿيندڙ تڪليف جي خطري وارن ڪيسن جي علاج ۾ هي سوئيٽ اهم ڪردار ادا ڪندو. سندس چوڻ هو ته هن جديد سهولت سان ڪيترن ئي مريضن کي عضون جي ڪٽجڻ کان بچائي سگهجي ٿو ان موقعي تي ويسڪيولر جي ماهر ڊاڪٽر خطاب ڪندي چيو ته وي-ٽيڪ بينڊڊ ويسڪيولر سوئيٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين سهولت آهي، جنهن جو مقصد جديد اينڊو ويسڪيولر علاج ۽ اوپن ويسڪيولر سرجري کي هڪ ئي آپريٽنگ ماحول ۾ انجام ڏيڻ آهي. هي سوئيٽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، جيڪا پيچيده ۽ حساس ويسڪيولر بيمارين جي علاج کي وڌيڪ محفوظ، درست ۽ مؤثر بڻائي ٿي. سندس چوڻ هو ته ويسڪيولر سرجري جو نظام انتهائي پيچيده ۽ وقت جي لحاظ کان حساس هوندو آهي. وي-ٽيڪ سوئيٽ جديد سهولتن ذريعي علاج دوران دير، پيچيدگين ۽ مريضن جي غير ضروري تڪليفن کي گهٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. ان سان گڏ، علاج جي ڪاميابي جي شرح وڌندي ۽ مريضن کي بهتر طبي سهولتون حاصل ٿينديون. تقريب ۾ ٻين ماهر ڊاڪٽرن چيو ته وي-ٽيڪ ويسڪيولر سوئيٽ نه رڳو ڪراچي پر پوري سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن مان ايندڙ مريضن لاءِ به اميد جي نئين ڪرن ثابت ٿيندو. هي قدم سنڌ ۾ صحت جي شعبي کي جديد رخ ڏيڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي ويسڪيولر جي ماهر ڊاڪٽر فهد طارق خطاب ڪندي چيو ته وي-ٽيڪ بينڊڊ ويسڪيولر سوئيٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين سهولت آهي، جنهن جو مقصد جديد اينڊو ويسڪيولر علاج ۽ اوپن ويسڪيولر سرجري کي هڪ ئي آپريٽنگ ماحول ۾ انجام ڏيڻ آهي. هي سوئيٽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، جيڪا پيچيده ۽ حساس ويسڪيولر بيمارين جي علاج کي وڌيڪ محفوظ، درست ۽ مؤثر بڻائي ٿي. سندس چوڻ هو ته ويسڪيولر سرجري جو نظام انتهائي پيچيده ۽ وقت جي لحاظ کان حساس هوندو آهي. وي-ٽيڪ سوئيٽ جديد سهولتن ذريعي علاج دوران دير، پيچيدگين ۽ مريضن جي غير ضروري تڪليفن کي گهٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. ان سان گڏ، علاج جي ڪاميابي جي شرح وڌندي ۽ مريضن کي بهتر طبي سهولتون حاصل ٿينديون. ڊاڪٽرن وڌيڪ چيو ته مشن کي عملي قوت فراهم ڪرڻ بروقت ۽ درست علاج ذريعي مريضن جي جان ۽ اهم عضون کي بچائڻ جو هڪ مؤثر قدم قرار ڏنو ويو آهي. ان منصوبي تحت نه رڳو مريضن کي جديد ۽ معياري علاج فراهم ڪيو ويندو، پر ساڳي وقت طبي تعليم ۽ تربيت جي شعبي ۾ به اهم اڳڀرائي ٿيندي. ماهر ڊاڪٽرن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته مريضن جي علاج سان گڏ بايوميڊيڪل ۽ ويسڪولر سونٽ جي تعليم ۽ تربيت کي هٿي ڏني ويندي. ان مقصد لاءِ هڪ اهڙو ادارو قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستان ۾ ويسڪولر سرجري ۽ انٽرونشنل اسپيشلسٽس جي اعليٰ سطح جي تربيت لاءِ نمايان موقعا فراهم ڪندو. ان قدمن سان نون ويسڪولر ماهرن کي تربيت لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ جي ضرورت گهڻي حد تائين گهٽجي ويندي. سندن چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ وسيلن جي کوٽ سبب ويسڪولر بيمارين جي تشخيص ۽ علاج ۾ دير ٿئي ٿي، جنهن سبب مريضن کي شديد نقصان پهچي سگهي ٿو. نئين اداري جي قيام سان نه رڳو اهي مسئلا گهٽبا، پر ملڪ اندر ويسڪولر نگهداشت ۽ تربيت جي نظام کي به مضبوط بڻايو ويندو. وي. اين. وي. بايوميڊ ويسڪولر سونٽ جو افتتاح ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ايم بي بي انسٽيٽيوٽ آف ٽراما، جيڪو هڪ سرڪاري ادارو آهي، جدت، استعداد سازي ۽ جديد طبي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. اداري جو مقصد اهو آهي ته پاڪستان جي عوام کي معياري ۽ بروقت علاج فراهم ڪري سگهجي ۽ صحت جي شعبي ۾ خودڪفالت حاصل ڪئي وڃي. هي قدم ملڪ جي صحت واري نظام کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ عوام تائين جديد علاج جي سهولتن جي مساوي رسائي کي يقيني بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
0 تبصرے