English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ دڪانن جي مالڪي تان پٺاڻ، ڪلر ۽ ڪپري برادرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ، ڪيترائي زخمي
114 views
|
24th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(ڊ ر)ڪنري شھر جي عمرڪوٽ لوڪل بس اسٽاپ تي ٽن دڪانن جي مالڪي تان پٺاڻ برداري جو ڪپري ۽ ڪلر برادرين سان تڪرار ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول تيز ٿي ويو. پٺاڻ برداري پاران رات جي وقت دڪانن جا تالا ٽوڙي قبضو ڪري ڇڏيو جنھن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ٻنھي ڌرين پاران ھڪٻئي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري قبضن جا الزام لڳايا ويا، تڪرار وڌڻ بعد ڄاڻايل دڪانن تي ٻنھي ڌرين جو جيھڙو ٿي پيو ۽ ھڪٻئي تي سري عام فائرنگ ڪئي وئي وچ بازار ۾ سري عام فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. فائرنگ دوران ڇيرا لڳڻ سبب شھرين ۽ ڌرين جي ماڻھن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شھزاد گشڪوري، شيراز پٺاڻ، وسيم شبراتي، کيتسنگھ بجير، راشد آرائين ۽ ٻيا شامل آھن، سمورن زخمين کي تعلقي اسپتال نيو ويو جتان ٻن ڄڻن شيراز پٺاڻ ۽ شھزاد گشڪوري کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. واقعي بعد شھري وڏي انگ ۾ پھچي ويا ۽ تماشو ڏسندا رهيا مسلسل هڪ ڪلاڪ تائين پوليس ۽ انتظاميا غائب رهي جنھن بعد پوليس پوليس پھچي ڌرين کي ڇڙوڇڙ ڪيو اطلاع تي نبي سر روڊ ۽ ٽالھي سميت ٻين ٿاڻن جي پوليس نفري به پھچي وئي ۽ پوليس ڪپري برادري جي ٻن ڄڻن گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جنھن پوليس اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار پھچي ڄاڻايل دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي واري ھنڌ پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏيو. هوڏانھن ڪنري. ٽن دڪانن تي مبينه قبضي تان ڇڪتاڻ ھڪٻئي خلاف احتجاج ڪيو ويو. هڪ ڌر جي متاثرن الهڏنو ڪلر، پيرو ڪپري ۽ ٻين شهرين ۽ دڪاندارن سان گڏجي نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪندي الزام لڳايو ته اسان جا دڪان لينڊ ڪميشن جا آھن اسان 30 سالن کان ويٺل آھيون پر حيات پٺاڻ ۽ نيڪ محمد پٺاڻ وارن رات جو دير سان هٿيارن جي زور تي اسان جي دڪانن تي قبضو ڪري لکين روپين جو سامان کڻي ويا ۽ پنهنجا تالا لڳائي ڇڏيا آھن، هنن چيو ته اسان جو ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي ان باوجود قبضہ مافيا اسان جي دڪانن تي قبضو ڪيو آھي قبضو خالي ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل پٺاڻ ڌر جي نيڪ محمد پٺاڻ وارن نيشنل پريس ڪلب ڪنري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزامن کي رد ڪندي چيو ته اسان 12 دڪان رمضان قادياني کان ورتا 9 مليا ٽن جو قبضو نه مليو، چڱن مڙسن کي دانهن ڏني پر هنن دڪان خالي نه ڪيا الٽو اسان کي ڌمڪيون ڏنيون اسان ڪورٽن مان ڪيس کٽي آيا آھيون، دڪان اسان خريد ڪيا آھن اسان کي ڪوبه جاني مالي نقصان ٿيو ان جا ذميوار پيرو ڪپري ۽ الهڏنو ڪلر وارا هوندا. هنن مطالبو ڪيو ته دڪانون خالي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار هئي ۽ ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ۾ دڪانن جي مالڪي تان پٺاڻ
0 تبصرے