English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ مبينا ٺڳي خلاف ڪولهي برادري جو احتجاج، 15 سالن کان سون، چاندي ۽ روڪ رقم واپس نه ملڻ جو الزام
245 views
|
24th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪولهي دڙو واسي گينو ولد جگمال ڪولهي پنهنجي برادري جي عورتن ۽ مردن سان گڏ عمرڪوٽ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام لڳايو آهي ته شاهي بازار جي سوناري راجيش ولد جيرام داس ڀوراڻي وٽ سندن سون، چاندي ۽ روڪ رقم 15 سالن کان امانت طور پيل آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين واپس ناهي ڪئي وئي، گينو ڪولهي ٻڌايو ته هن پنهنجي نياڻي جي شادي لاءِ ٻه تولا سون، 125 تولا چاندي ۽ 10 لک 70 هزار رپيا گڏ ڪري رکيا هئا، هن دعويٰ ڪئي ته راجيش سونارو کين 16 لک جي لاٽري کولڻ جو لالچ ڏئي رقم امانت طور ورتي ۽ واعدو ڪيو ته نياڻي جي شادي وقت سڄي رقم ۽ زيور واپس ڪندو پر جڏهن شادي جو وقت ويجهو آيو ته هن مبينا طور ڪوڙا آسرا ڏيڻ شروع ڪيا، هن وڌيڪَ چيو ته 11 سالن تائين واعدا پورا نه ڪيا ويا، جنهن سبب هن پنهنجين نياڻين جون شاديون دوستن ۽ بئنڪن کان قرض کڻي ڪرايون، الزام آهي ته جوابدار کيس پنهنجي دڪان تي ويهاري مختلف بهانا ڪندو رهيو ۽ لکت ۾ واعدا ڪرڻ باوجود به عمل نه ڪيو، احتجاج دوران گنگارام، هيرالال، ڪرمچند، ڀيمون، راجا، نونلي، آهسري، چوني، ڏائي ۽ ديوي پڻ موجود هئا، جن اختيارين کان جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، احتجاجي مظاهرو ڪندڙن ايس ايس پي عمرڪوٽ کان اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي کين سندن رقم ۽ زيور واپس ڏياريا وڃن، جيئن غريب خاندانن سان انصاف ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ مبينا ٺڳي خلاف ڪولهي
0 تبصرے