ملير جي 6ديهن جي 10ھزار ايڪڙ زمين جي سروي بابت قائم ڪيل ڪميٽي ۽ ڳوٺاڻن جو ڪٺ

ملير جي 6ديهن جي 10ھزار ايڪڙ زمين جي سروي بابت قائم ڪيل ڪميٽي ۽ ڳوٺاڻن جو ڪٺ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي جي ڇهن ديهن ۾ سنڌ حڪومت پاران سال 2025ع دوران ڏهه هزار ايڪڙ زمين جي سروي بابت قائم ڪيل نوٽيفائيڊ سروي ڪميٽي جي ميمبرن ۽ مقامي ڳوٺاڻن سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. سروي ڪميٽي اڳواڻن مجاهد جوکيو، سليم سالار، الياس رند، علي نواز بلوچ، حاجي نور حسن جوکيو، عبدالستار جوکيو ۽ ٻين موجب ايجوڪيشن سٽي لاءِ زمين جي سروي جو عمل لڳ ڀڳ ٻه مهينا اڳ مڪمل ڪيو ويو هو، جيڪو نوٽيفائيڊ سروي ڪميٽي جي ميمبرن جي نگراني ۾ ڪيو ويو. سروي جي موقعي تي ضلع ملير جي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر ۽ مقامي ڳوٺاڻن جي موجودگي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ضلع ملير اهو يقين ڏياريو هو ته سروي سان لاڳاپيل سموري ڊيٽا ۽ ڪوآرڊينيٽس سروي ڪميٽي جي ميمبرن حوالي ڪيا ويندا. ڪميٽي جي ميمبرن موجب طئي ٿيل طريقيڪار تحت سروي ڪيل ڊيٽا کي ڪميٽي پاران فائنل ڪرڻ کان پوءِ روينيو ڊپارٽمينٽ ۽ ضلع ملير جي قيادت حوالي ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ 25 مارچ 2026ع تي ڏينهن ٻارهين وڳي ڊپٽي ڪمشنر ضلع ملير طرفان سروي ڪميٽي جي ميمبرن کي ميٽنگ لاءِ گهرايو ويو، پر ڪميٽي ميمبرن جو چوڻ آهي ته کين ٻه ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ باوجود ڊپٽي ڪمشنر ملاقات نه ڪئي. ٻئي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته روينيو ڊپارٽمينٽ جا عملدار سروي ڪميٽي جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ رپورٽ کي فائنل ڪرڻ لاءِ مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري رهيا آهن. سروي ڪميٽي جي ميمبرن ۽ مقامي ڳوٺاڻن ڊپٽي ڪمشنر ضلع ملير جي اهڙي رويي تي سخت خدشا ظاهر ڪندي چيو آهي ته روينيو ڊپارٽمينٽ پاران تيار ڪيل رپورٽ کي هو مڪمل طور رد ڪن ٿا ۽ پنهنجي احتجاج کي رڪارڊ تي آڻي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سندن خدشن جو ازالو نه ڪيو ويو ته هو روينيو ڊپارٽمينٽ جي اهڙي عمل خلاف احتجاج جاري رکڻ سان گڏ عدالت سان رجوع ڪرڻ جو حق پڻ محفوظ رکن ٿا.