English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي واسڻ ناري جو مڙس سميت اڳوڻي مڙس خلاف احتجاج
4 views
|
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻو مڙس سهيل مغل ۽ سندس ڀاءُ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن: انيلا کنڀاٽي
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)مڪلي جي رھواسڻ انيلا کنڀاٽي پنهنجي مڙس امير حيدر پنھور سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي الزام لڳايو آهي ته کيس سندس اڳوڻي مڙس سھيل مغل ۽ ڏير شبير عرف شبو مغل کان جان جو خطرو آهي، جنهن سبب هوءَ ء سندس مڙس گهر کان ٻاهر روزمره جي ڪم ڪار لاءِ وڃڻ کان به قاصر آهن۔ هن چيو ته اڳوڻي مڙس سھيل مغل کان طلاق وٺڻ بعد سندس شادي امير حيدر پنھور سان ٿي ھئي، جنهن بعد هوءَ خوشحال زندگي گذاري رهي هئي، پر ڪجهه ماڻهن جي ڀڙڪائڻ، غلط رهنمائي ۽ سندن وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ سبب سندس زندگي ٻيهر مسئلن جو شڪار ٿي وئي۔ هن وڌيڪ چيو ته معاملا وڌڻ بعد هن امير حيدر کان عدالت ۾ خلع لاءِ درخواست داخل ڪئي ھئي، پر جلد ئي جڏهن اصل حقيقتون سامهون آيون ته کيس معلوم ٿيو ته سندن وچ ۾ اختلافن جو وڏو سبب سندس ڏير شبير عرف شبو مغل آهي۔ انيلا کنڀاٽي موجب، ان دوران شبو مغل سندس مائٽاڻي جڳهه تي به قبضو ڪري ورتو۔ هن چيو ته اصل حقيقتون معلوم ٿيڻ بعد هن عدالت ۾ داخل ڪيل خلع جي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي ۽ هاڻي هوءَ پنهنجي مڙس امير حيدر پنھور سان خوش آهي، پر اها ڳالهه سندس ڏير کي قبول نه آهي۔ هن الزام لڳايو ته 13 رمضان المبارڪ تي سندس ٽي ٻار ــ عماد، سحر ۽ عريشا ــ جيڪي اڳوڻي مڙس مان آهن ۽ هن وٽ رهندا هئا، انهن کي سندن پيءُ سان ملائڻ جي بهاني شبو مغل پاڻ وٽ گهرائي قيد ڪري ڇڏيو آهي۔ هن چيو ته کيس نه رڳو ٻارن سان ملڻ کان روڪيو ويو آهي، پر سندن خيريت بابت به ڪا ڄاڻ نه پئي ڏني وڃي۔ انيلا کنڀاٽي اعليٰ اختيارين، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته کيس ۽ سندس مڙس امير حيدر پنھور کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، سندس مائٽاڻي جڳهه تان قبضي جو خاتمو ڪرايو وڃي ۽ سندس ٽنهي ٻارن کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا پاڪستان طاقتور مرڪز ٿي اڀري ٿو . ؟.! ؟
27th Mar 2026
•
صحت
طبی ماہرین کا بڑا کارنامہ، انسولین اب ماضی کی بات بن سکتی ہے!
27th Mar 2026
•
شوبز
دنیا کی توجہ ہٹی لیکن غزہ میں تباہی اور انسانی بحران ابھی جاری ہے: اینجلینا جولی
27th Mar 2026
•
تازہ ترین
امریکہ اور اسرائیل کی جاری جنگ میں اب تک 1900 ایرانی شہید: ہلال احمر
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ضلعي ملير ۾ عورتن ۽ ٻارڙين جا مبينا اغوا، علائقي واسي خوف ۾ مبتلا
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
مورو واسين جو نوشهروفيروز ۾ وياجين خلاف احتجاج
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد مان گم ٿيل طيبه جي امڙ اڌ رات جو پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي تي پهچي وئي
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ مصر جي واءِ واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مڪلي واسڻ ناري جو مڙس سمي
0 تبصرے