چيئرپرسن فشرمين ڪو آپريٽو سوسائيٽي فاطمه مجيد جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سان ملاقات

مهاڻن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪردار ادا ڪري: فاطمه مجيد

چيئرپرسن فشرمين ڪو آپريٽو سوسائيٽي فاطمه مجيد جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سان ملاقات

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) فشرمینز ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ جي چيئرپرسن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي ملير جي صدر، فاطمہ مجيد، گذريل ڏينهن صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشریز محمد علي ملڪاڻي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مھاڻن جا مسئلا ۽ سوسائٽي جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ تفصيلي ڳالهيون ٿيون. اياز علي، مينجر ایف سي ايس ايل صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کي پي سي سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مارڪيٽ جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو.فاطمہ مجيد چيو ته ماھیگيرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جيئن سوسائٽي جي ڪارڪردگي وڌيڪ اثرائتي ٿئي.صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ماھیگيرن جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ فشرمینز ڪوآپريٽو سوسائٽي جا مسئلا ترجیحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.ملاقات ۾ عبدالرشيد ماڙي والا، ڊائريڪٽر اناصر بونيري مارڪيٽ مينجر ۽ ٻيس آفيسر به پڻ موجود هئا