ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

اجلاس دوران فيڊرل ايپڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو

ڊي سي عمرڪوٽ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (DCC) جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق ۽ ضلعي جي سڀني لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن زوم ذريعي وڊيو لنڪ تي شرڪت ڪئي، اجلاس دوران فيڊرل ايپڪس ڪميٽي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽين جي فيصلن تي بروقت ۽ اثرائتو عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن حڪومتي پاليسين جا مثبت نتيجا عوام تائين پهچي سگهن، ان کان علاوه گذريل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن پنهنجن پنهنجن کاتن جي ڪارڪردگي ۽ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ سڀني آفيسرن تي زور ڀريو ته هو پنهنجون ذميواريون ايمانداري ۽ فرض شناسي سان ادا ڪن ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪن، ھن چيو ته ضلعي سطح تي بهتر ڪوآرڊينيشن ذريعي ئي ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن کي ڪامياب بڻائي سگهجي ٿو، اجلاس ۾ امن امان، صفائي سٿرائي، صحت، تعليم ۽ ٻين عوامي خدمتن جي شعبن ۾ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت به اهم فيصلا ڪيا ويا، آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو حڪومتي هدايتن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪن.