لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم جو آغاز

لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم جو آغاز

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) بهار جي موسم ايندي ئي ماحول جي بهتري ۽ سرسبزي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايس پي محمود حسين راجا، پرنسپال پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻو، جي نگراني ۾ وڻ پوکائي واري مهم جي باقاعده شروعات ڪئي وئي آهي. مهم دوران اداري جي احاطي اندر مختلف قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا ويا، جڏهن ته عملي پڻ ڀرپور شرڪت ڪندي ماحول دوست قدمن جي حمايت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس پي محمود حسين راجا جو چوڻ آهي ته قابل عزت محترم فيض الله ڪوريجو ڊي آئي جي ٽريننگ سنڌ ڪراچي جن جي هدايت موجب پي ٽي ايس لاڙڪاڻو ۾ وڻ پوکائي واري مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته وڻ پوکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته وڻ نه صرف ماحول کي صاف ۽ صحتمند بڻائين ٿا پر موسمي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هر شهري کي گهرجي ته پنهنجي حصي جو وڻ ضرور پوکي، جيئن ايندڙ نسلن کي صاف سٿرو ماحول مهيا ڪري سگهجي، وڻ پوکائي مهم دوران ڊي ايف او ارشاد حيدر ڪماريو ،ڊي ايس پي ايڊ من شوڪت علي ڀيو، قدير احمد سولنگي، عبدالغفور ٻگهيو ۽ ٻين پاران مختلف قسمن جا ڇانوَ ۽ ميويدار وڻ پوکيا ويا، جڏهن ته اداري جي احاطي کي وڌيڪ خوبصورت ۽ سرسبز بڻائڻ جو عزم پڻ ورجايو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته اهڙيون مهمون ماحولياتي آگاهي وڌائڻ لاءِ انتهائي فائديمند آهن ۽ سڀني ادارن کي ان ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي.