ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا

ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) وفاقي حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ خلاف سموري ملڪ سميت ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، جتي سياسي، سماجي تنظيمن، ٽيڪسي ڊرائيورن، مهاڻن ۽ مزدورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ٺٽو ۽ مڪلي سميت ميرپور ساڪرو ۾ مظاهرين پئٽرول ۽ ڊيزل جي وڌايل اگهن کي رد ڪندي فوري گهٽتائي جو مطالبو ڪيو. مڪلي ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن سماجي اڳواڻ منور ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، جڏهن ته جماعت اسلامي ٺٽو پڻ مهانگائي خلاف احتجاج ڪندي واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. ان سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران پڻ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي اعجاز علي پليجو، ياسر جاکرو، ممتاز علي شيخ، شفيح پليجو ۽ ٻين ڪئي. مظاهرين حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٿيل واڌ فوري طور واپس ورتي وڃي. مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي آهي، مٿان وري تيل جي قيمتن ۾ اضافي عوام لاءِ جيئڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته تيل مهانگو ٿيڻ سان ٽرانسپورٽ، خوراڪ ۽ روزمره جي شين جا اگهه به وڌي ويا آهن، جنهن سبب غريب ۽ ڏهاڙي دار طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آهي. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور اگهن ۾ گهٽتائي نه آندي وئي ته احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.