English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جون تصويرون وارثن تائين پهچي ويون ، صدمي ۾ هڪ قيدي جي امڙ فوت
61 views
|
16th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
قيدي مهاڻي ناکو محمد حسين جي امڙ تصوير ڏسندي ئي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستاني مهاڻن جون تصويرون ۽ لسٽون آخرڪار سندن گهرڀاتين تائين پهچي ويون، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، جڏهن ته خوشي جي هن موقعي تي هڪ افسوسناڪ واقعو به پيش آيو، جتي قيدي مهاڻي ناکو محمد حسن جي امڙ لسٽ ڏسڻ بعد دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي.ذريعن موجب 4 مهينا اڳ پاڪستان جي سامونڊي حدن مان گرفتار ڪيل 11 مهاڻن جون ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت مان لسٽون ۽ تصويرون جاري ڪيون ويون هيون، جن کي ڏسڻ کانپوءِ قيدي مهاڻي ناکو محمد حسن جي امڙ سخت صدمي ۾ اچي وئي. گهرڀاتين موجب لسٽ ڏسڻ کانپوءِ کيس اوچتو دل جو اٽيڪ ٿيو، جنهن سبب هوءَ موقعي تي ئي فوت ٿي وئي.اطلاعن موجب تصويرن ۾ شامل 11 مهاڻن جو تعلق ابراهيم حيدري سان آهي، جڏهن ته وڌيڪ 9 مهاڻا علي اڪبر شاهه ڳوٺ جا رهواسي آهن. اهي تصويرون متاثر خاندانن طرفان فراهم ڪيون ويون آهن.گهرڀاتين تصويرون ڏسي هڪ طرف سک جو ساهه کنيو ته سندن پيارا زنده آهن، جڏهن ته ٻي طرف سندن آزادي لاءِ سخت بيچيني به ظاهر ڪئي وئي. متاثر خاندانن پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت سان سفارتي سطح تي فوري رابطو ڪري مهاڻن جي جلد آزادي کي يقيني بڻايو وڃي.واضح رهي ته سامونڊي حدن جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ ڪيترائي پاڪستاني مهاڻا سالن کان ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن، جڏهن ته سندن گهرڀاتي ڊگهي عرصي کان سندن آزادي لاءِ اپيلون ڪندا پيا اچن.علائقي واسين ۽ مهاڻا برادري انساني همدردي جي بنياد تي قيد پاڪستاني مهاڻن جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن اهي جلد پنهنجي گهرڀاتين سان ملي سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ شيخ برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوشهروفيروز ڪيمپس ۾ ليڪچر پروگرام منعقد
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مائنر جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين جو ڌرڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جون تصويرون
قيدي مهاڻي ناکو محمد حسين جي امڙ تصوير ڏ
0 تبصرے