English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪورنگي فش هاربر روڊ تي مبينا ون ويلنگ تان جهيڙو، هڪ ڄڻي جي اک ضايع، ڪيترائي زخمي
44 views
|
19th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪورنگي فش هاربر روڊ يوسي نائين چشمہ ۾ هر جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي مختلف علائقن مان ايندڙ اوباش نوجوانن طرفان ون ويلنگ ۽ خطرناڪ ريسنگ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو جنهن سبب علائقي واسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي۔ رهواسين موجب انهن حادثن سبب هينئر تائين لڳ ڀڳ اٺ کان ڏهه ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿي چڪا آهن۔علائقي واسين موجب فوت ٿيلن ۾ هڪ معصوم ٻار سميت خاصخيلي برادري جا ٻه ماڻهو پڻ شامل آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو مختلف حادثن ۾ سخت زخمي ٿيا آهن۔ رهواسين جو چوڻ آهي ته هن صورتحال بابت ڪيترائي ڀيرا ايم اين اي، ايم پي اي، ابراهيم حيدري ٽائون انتظاميا، يوسي نائين چشمہ خاصخيلي، ايس ايڇ او ابراهيم حيدري ۽ ڪورنگي فشريز انتظاميا کي آگاهه ڪيو ويو، پر ڪنهن به موثر قدم نه کنيو۔مسلسل حادثن ۽ جاني نقصان کانپوءِ جمعي ڏينهن علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت پرامن احتجاج ڪندي ڪورنگي فش هاربر روڊ بند ڪري ڇڏيو۔ ڪجهه دير بعد وڏي انگ ۾ ون ويلنگ ڪندڙ نوجوان اتي پهتا ۽ زبردستي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪندي علائقي واسين تي حملو ڪري ڇڏيو۔رهواسين موجب حمله آورن سخت پٿراءُ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ گهرن اندر موجود عورتون ۽ ٻار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ شخص جي اک مڪمل طور ضايع ٿي وئي۔ واقعي جي اطلاع تي علائقي واسي وڏي انگ ۾ پهتا ته حمله آور فرار ٿي ويا ۽ بعد ۾ ڪوسٽ گارڊ چوڪي ريڙهي روڊ ڀرسان گڏ ٿيا۔ذريعن موجب مشتعل ماڻهن ريڙهي ۽ ابراهيم حيدري ويندڙ گاڏين سميت هڪ مريض کڻي ويندڙ ايمبولينس تي به ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن سبب گاڏين کي سخت نقصان پهتو۔علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هنن ڪيترائي ڀيرا ڪورنگي فش هاربر انتظاميا کان وڌيڪ اسيڊ بريڪر لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن حادثن کي روڪي سگهجي، پر سندن مطالبن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي۔مظاهرين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور اسيڊ بريڪر نه لڳايا ويا ته علائقي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت روڊ ٽوڙي اسيڊ بريڪر ٺاهيندا، جنهن سان ٿيندڙ ڪنهن به نقصان جي ذميواري ڪورنگي فش هاربر انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختيارين تي هوندي۔ علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺندي ون ويلنگ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي، مستقل پوليس نفري مقرر ڪرڻ ۽ اسيڊ بريڪرز جي فوري تنصيب جو مطالبو ڪيو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪورنگي فش هاربر روڊ تي مبينا ون ويلنگ
0 تبصرے